60 سالن ۾ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڌيان ئي ناهي ڏنو ويو: چيف جسٽس
December 6, 2018 at 12:27 amاسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو. وڌندڙ آبادي تي فوري ڌيان واري موضوع تي رٿيل سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته وسيلا محدود ۽ ضرورتون لا محدود آهن، گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ تي ڪو به ڌيان ناهي ڏنو ويو، وڌندڙ آبادي جي ڪري اسان جا وسيلا مسلسل دٻاءُ جو شڪار رهيا آهن. چيف جسٽس چيو ته آبادي ائين ئي وڌندي رهي ته 30 سالن کان پوءِ پاڪستان جي آبادي 45 ڪروڙ هوندي، وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ کي جيڪو حصو وجهڻو هو اُهو وڌو ، هاڻ اسان کي آبادي تي ضابطي جي لاءِ آگاهي ڦهلائڻي آهي ۽ ان حوالي سان عمل ڪم ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته پاڪستان جي بقا جي لاءِ اسان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻو آهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي زندگي آهي هر سال 7 ارب گيلن پاڻي زمين مان ڪڍيو ويندو آهي، 4 ليٽر پاڻي مان هڪ ليٽر پاڻي استعمال جوڳو هوندو آهي ۽ باقي حصو ضايع ڪيو ويندو آهي جڏهن ته گذريل 40 سالن ۾ ڪو به ڊيم ناهي بڻايو ويو ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي کوٽ جا تباهي ڪندڙ اثر هوندا. چيف جسٽس چيو ته وزير اعظم ۽ پارليامينٽ جو سهڪار ضروري آهي هاڻ وقت اچيو ويو آهي ته پارليامينٽ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڇڏي ڏنو وڃي،