بالر نئين آسٽريلوي بيٽنگ لائين لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهن ٿا: مڪي آرٿر

December 8, 2016 at 9:01 pm

ڪينز (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته پاڪستاني بالنگ اٽيڪ مضبوط آهي، جيڪو نئين آسٽريلوي بيٽنگ لائين لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو. رپورٽن موجب مصباح اليون ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا پهتي آهي، جتي شاهينن وٽ آسٽريليا کي پهريون ڀيرو پنهنجي ئي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ڏيڻ جو موقعو موجود آهي. ان حوالي سان هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته ٽيم ۾ معياري بالر موجود آهي، جن وٽ مخالف ٽيم جون 20 وڪيٽون وٺڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي. اسان بيٽنگ بهتر بڻائڻ ۽ صورتحال کي سمجهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون. بيٽسمينن کي اسڪور بورڊ تي سٺيون رنسون ٺاهڻ جي ضرورت آهي


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج