شاهينن جو امتحان شروع، سڀاڻي ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون سان ٽور ميچ ۾ آمهون سامهون

December 8, 2016 at 9:01 pm

ڪينز (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون وچ ۾ ٽن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي. رپورٽ موجب شاهين ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ آسٽريليا ۾ موجود آهن، جيڪي سڀاڻي کان ڪينز ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون خلاف ٽن ڏينهن واري ٽور ميچ کڏيندا. ان حوالي سان رانديگرن ٽريننگ سيشن دوران هيڊ ڪوچ، بيٽنگ ۽ بالنگ سميت ٻئي ڪوچنگ اسٽاف سان گڏجي سخت ٽريننگ ڪئي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 15 ڊسمبر کان برسبين ۾ شروع ٿيندي


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج