مهتاب اڪبر راشدي جي پهرين فلم ”ٿوڙا جي لي“ مڪمل

December 8, 2016 at 9:04 pm

لاهور (شوبز نيوز) ناليواري ليکڪا ۽ ماضي جي مشهور ڪمپيئر مهتاب اڪبر راشدي جي فلمساز طور پهرين اردو فلم ”ٿوڙا جي لي“ مڪمل ٿي وئي. فلم جو ليکڪ ۽ هدايتڪار مهتاب راشدي جو پٽ رافع راشدي آهي، جنهن جو وڻندڙ ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم ۾ نون چهرن کي به موقعو ڏنو ويو آهي، جن ۾ قاسم شاهه، احسان محسن اڪرام، رمشا خان، رضوان علي جعفري، فاطما شاهه جيلاني، بلال عباس ۽ سلمان فيصل شامل آهن


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج