اسٽيون سمٿ ستون ڀيرو هڪ ئي ٽيسٽ ۾ سينچري ۽ ففٽي ٺاهي ورتي

December 19, 2016 at 12:39 am

برسبين(اسپورٽسنيوز) آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين اسٽيون سمٿ ٽيسٽ ڪيريئر ۾ ستون ڀيرو هڪ ئي ميچ ۾ سينچري ۽ ففٽي ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. 27 سالن جي اسٽيون سمٿ جي شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي. هن پاڪستان خلاف برسبين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 130 جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 63 رنسون ٺاهيون. هن ڪيريئر ۾ ستون ڀيرو هڪ ئي ٽيسٽ ۾ سينچري ۽ اڌ سينچري ٺاهڻ جو اعزاز حاصل  ڪيو آهي. ڏکڻ آفريقا جي جيڪ ڪيلس سڀ کان وڌيڪ 11 ڀيرا اهو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي. آسٽريليا  جي رڪي پونٽنگ 10  جڏهن ته ايلن بارڊر ۽ سريلناڪ جي ڪمار سنگا ڪارا 9-9  ڀيرا اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج