جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، هاڻ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا: باڪسر عامر خان

December 19, 2016 at 12:42 am

لنڊن(اسپورٽس نيوز) گهر وارن ۽ زال وچ ۾ هلندڙ جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ عامر خان پاڻ ميدان ۾ اچي ويو آهي، هڪ پروگرام ۾ پاڪستان ڄائي باڪسر عامر خان چيو آهي ته جيڪو ٿيو سو ٿيو، هڪ ٻن ڏينهن ۾ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا، گهر وارن ۽ پنهنجي زال فريال مخدوم وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙي کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، بهرحال جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، اهو مسئلو هاڻ جلد ختم ٿي ويندو. عامر خان فيملي کان ڌار ٿيڻ ڏکيو قرار ڏيندي چيو ته اسان هڪ خاندان وانگر رهڻ چاهيون ٿا، عامر خان پنهنجي ڌيءَ کي هنج ۾ کنيو بيٺو هو، جڏهن ته هن جي گهر واري فريال مخدوم به تقريب ۾ موجود هئي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج