برسبين ٽيسٽ: چوٿين ڏينهن چانهن جي وقفي تائين پاڪستان 2 وڪيٽن تي 131 رنسون ٺاهي ورتيون

December 19, 2016 at 12:43 am

برسبين(اسپورٽس نيوز) برسبين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن چانهن جي وقفي تي آسٽريليا جي جبل جيڏي 490 رنسن جي پويان لڳندي گرين شرٽس ٻئي اننگز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 131 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. پاڪستان گذريل ڏينهن سميع اسلم 15 ۽ بابر اعظم 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته راند جي ختم ٿيڻ تائين 41 رنسون ٺاهيندڙ اظهر علي اڄ پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪئي، هن 5 چوڪا به هنيا، يونس خان 4 چوڪن جي مدد سان 40 رنسن تي کيڏي رهيو هو. پاڪستان کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 359 رنسون گهربل آهن، جڏهن ته هن جون 8 وڪيٽون ۽ اندازن 157 اوورن جي راند باقي آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج