هالي ووڊ اداڪار بريٽ پٽ زندگي جون 53 بهارون ڏسي ورتيون

December 19, 2016 at 12:44 am

هالي ووڊ:(شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر بريٽ پٽ پنهنجي زندگي جون 53 بهارون ڏسي ورتيون، دنيا جي سڀني کان پرڪشش شخصيت سوڌو ٻيا خطاب حاصل ڪندڙ نالي واري هالي ووڊ اداڪار بريڊ پٽ 18 ڊسمبر 1963ع ۾ آمريڪي رياست اوڪلوهاما ۾ پيدا ٿيو. گولڊن گلوب ايوارڊ ماڻيندڙ هالي ووڊ اداڪار بريڊ پٽ اوپرا سوپ کان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جڏهن ته شهرت جو سبب ان جي فلم آريور رنر ٿرو ايڊ ۽ انٽرويو وٿ ويمپرائز هئي، جنهن ۾ هن مرڪزي ڪردار نڀايا. سائنس فڪشن فلم 12 مونڪيز ۾ هن جي بهترين اداڪاري سبب هن کي بهترين مددگار اداڪار ڪيٽگري ۾ گولڊن گلوب ايوارڊ به مليو. بريٽ پٽ هڪ بهترين اداڪار سان گڏ ڪامياب پروڊيوسر به آهي، هن جي بهترين فلمن ۾ 2007ع ۾ آسڪر ايوارڊ يافته فلم دي ڊيپارٽيڊ ۽ فيوري سوڌو ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن. 3 مهينا اڳ هن مشهور اداڪارا انجلينا جولي کان 12 سالن جي رفاقت کانپوءِ عليحدگي اختيار ڪري ورتي هئي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج