لاهور ۾ فلم ”سايه خدائي ذوالجلال“ جو پريميئر شو پيش

December 19, 2016 at 12:45 am

لاهور(شوبز نيوز) مقامي سينيما گهر ۾ فلم سايه خدائي ذوالجلال جو پريميئر شو پيش ڪيو ويو، سايه خدائي ذوالجلال جي ڪهاڻي اهڙن عنصرن جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪا دولت جي چمڪ ۾ ملڪ دشمن سرگرمين جو حصو بڻجي ويندا آهن، فلم ۾ 1965ع جي جنگ جي يادگار واقعا ۽ ملڪ جي محبت سان سرشار پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي، محفل ۾ فلم جي ڪاسٽ ۽ شوبز انڊسٽري جي ٻين شخصيتن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪري فلم جي سپورٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، فلم جي ڪاسٽ ۾ جاويد شيخ، فردوس جمال، معمر رانا، شفقت چيما، اسد ملڪ، نور، افضل خان ۽ نيئر اعجاز جهڙا وڏا ۽ باصلاحيت فنڪار شامل آهن، ايڪشن ڊرامي تي ٻڌل اها فلم 2016ع جي آخري فلم هوندي، دنيا ميڊيا گروپ فلم جو ميڊيا پارٽنر آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج