ڀارتي اداڪارا داهنيا ميري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

December 19, 2016 at 12:45 am

ڪيريلا:(شوبز نيوز) ڀارتي رياست ڪيريلا ۾ پوليس فلمن جي مشهور اداڪارا داهنيا ميري کي 130 ڪروڙ جي فراڊ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ادڪارا داهنيا ميري جي مڙس ۽ سندس خاندان اپارٽمينٽ تعمير ڪرڻ جي نالي تي ماڻهن کان 130 ڪروڙ روپيا ورتا. جڏهن ته ڏنل وقت تي اپارٽمينٽ نه ٺهي سگهيو ۽ متاثر ماڻهن پاران ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪري هڪ مهينو پهرين سندس سهري کي گرفتار ڪري ورتو هو. جنهن جي بيان کان پوء فراڊ ۾ ملوث ٻين ماڻهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڄاڻايل اداڪارا پڻ شامل آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج