سلمان خان پاران پنهنجي سالگرهه تي چاهيندڙن کي ”وڏو تحفو“ ڏيڻ جو اعلان

December 19, 2016 at 12:46 am

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ خان پنهنجي اداڪاري سبب ته ڪافي مشهور آهي پر هو پنهنجي ذاتي زندگي ۽ مختلف اداڪارائن سان دوستي، مڱڻي ۽ شادي جي خبرن سبب به خبرن جي زينت بڻيل رهندو آهي ۽ هاڻ هن چاهيندڙن کي پنهنجي سالگرهه تي ”وڏو تحفو“ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽويٽ ذريعي چاهيندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اداڪار هلندڙ مهيني 27 ڊسمبر تي 51 سالن جو ٿي ويندو، جنهن جي حوالي سان هن لکيو آهي ته چاهيندڙ هن پاران ايندڙ سالگرهه تي وڏي سرپرائيز لاءِ تيار ٿي وڃن. سلمان خان جي سالگرهه هر سال شاندار طريقي سان ملهائي ويندي آهي پر هن جي ان ٽويٽ کانپوءِ چاهيندڙ سرپرائيز لاءِ خاصا پرجوش ۽ انتظار ڪرڻ لڳا آهن. واضح رهي ته سلمان خان هدايتڪار ڪبير خان جي نئين ايندڙ فلم ”ٽيوب لائٽ“ ۾ ظاهر ٿيندو، جيڪا 2017ع ۾ عيد جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج