پريٽي زنٽا 42 ورهين جي ٿي وئي، سالگرهه گهر ڀاتين سان ملهائي

February 1, 2017 at 9:47 pm

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪارا پريٽي زنٽا زندگي جون 42 بهارون ڏسي ورتيون. ڀارتي ميڊيا مطابق اداڪارا پنهنجي 42 هين سالگره پنهنجي مڙس گڊ اينف پنهنجي ڪٽنب ڀاتين ۽ دوستن سان گڏ گهر ۾ ملهائي. اداڪارا ٽوئيٽر تي پنهنجي مداحن پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي انهن جا ٿورا مڃيا، اداڪارا پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات فلم دل سي کان ڪئي. سندس هٿ فلمن ۾ ”سنگارش“، ”ڪيا ڪهان“ ، ”ڪوئي مل گيا“، ”ڪل هو نا هو“، ”وير زارا“ ۽ ”دل هي تمهارا“ شامل آهن


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج