پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اصلاح بابت سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

February 1, 2017 at 9:48 pm

ڪراچي(اسپورٽس نيوز پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اصلاح بابت سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. سنڌ اسيمبلي ۾ ن ليگ جي ميمبر امير حيدر شاهه قرارداد پيش ڪندي چيو ته پي سي بي ملڪ سميت سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي. ڳوٺاڻن نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ زيادتي آهي. قرارداد تي ڳالهائيندي غزالا سيال چيو ته سنڌ حڪومت پي سي بي طرز تي سنڌ جو بورڊ قائم ڪري. ايم ڪيو ايم جي نائلا منير چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه ڪرڪيٽر هجڻ گهرجي. ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ کي بورڊ نظرانداز ڪري ٿو. پ پ جي سهراب سرڪي چيو ته جنهن جي سليڪشن مشڪوڪ هجي ان کي ئي چيئرمين بڻايو وڃي ٿو.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج