اڳوڻو ڪرڪيٽر وريندر سهواگ ٽوئيٽر ذريعي لکين رپيا ڪمائڻ لڳو

February 1, 2017 at 9:49 pm

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) انڊيا ٽيم جو اڳوڻو شاندار بيٽسمين وريندر سهواگ اڄڪلهه ٽوئيٽر تي ڇانيل آهي. سهواگ انهن ڪرڪيٽرن جي لسٽ ۾ شامل آهي جن کي ٽوئيٽر تي سڀني کان وڌيڪ فالو ڪيو ويندو آهي. سهواگ کي سندس مزاحيا ۽ دلچسپ ٽوئٽس لاءِ انتهائي پسند ڪيو ويندو آهي. ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ سهواگ ڪمنٽري شروع ڪئي ۽ گڏوگڏ ٽوئيٽر تي پڻ فعال ٿي ويو. تازو ئي سهواگ ٽوئيٽر تي ٽوئس ذريعي لکين ڪمائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. هڪ انگريزي اخبار کي انٽرويو ۾ سهواگ ٻُڌايو ته هن گذريل ٦ مهينن ۾ ٽوئٽر ذريعي ۳۰ لک ڀارتي رپيا ڪمايا آهن. ڪيترائي برناڊ پروموشن لاءِ سهواگ سان ٽوئٽ ڪندا آهن ۽ ان لاءِ کيس پئسا پڻ ملندا آهن.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج