ايندڙ مهيني پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا: شهريار خان

February 1, 2017 at 9:49 pm

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته ايندڙ مهيني پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريارخان چيوته آسٽريليا هٿان شڪست سان مايوسي ٿي آهي، پر هڪ سيريز جي نتيجن تي ٽيم ۾ گهڻيون تبديليون نٿيون ڪري سگهجن. پي سي بي چيئرمين چيو ته ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتانن جي تبديلين جو آپشن موجود آهي، پر جلد بازي ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ جو ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ٽائم گهريو آهي ۽ هو پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪندو. هن چيو ته مصباح الحق ۽ اظهر علي جي تبديلين جي حُوالي سان فيصلو ڪوچ مڪي آرٿر سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ڪيو ويندو.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج