سنڌ پاران پنجاب ۾ جاري گئس جي ترقياتي منصوبن تي اعتراض

March 30, 2017 at 6:43 am

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي پابندي باوجود وفاق پاران پنجاب ۾ 37 ارب رپين جي لاڳت سان گئس جا 97 منصوبا شروع ڪرڻ واري عمل کي قومي برابري جي خلاف ورزي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته گيس جي فراهمي تي هڪ طرفو لڳايل پابندي کي جلد ختم ڪندي سنڌ ۾ سمورن گهريلو ، صنعتي ۽ ڪمرشل سيڪٽرز کي ترت گيس فراهم ڪيو وڃي.  وڏي وزير پاران ڪالهه وزير اعظم ڏانهن موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ تي وفاقي حڪومت پاران مڙهيل وقتي پابندي ۽ آئين جي آرٽيڪل 158 جي خلاف ورزي آهي. پابندي هوندي پنجاب ۾ ڪهڙي بنياد تي گيس ڏني پئي وڃي. گيس پيدا ڪندڙ صوبن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هن خط جي متن ۾ لکيو آهي ته سياسي بنيادن تي گيس جي فراهمي قومي آهنگي جي خلاف آهي. خط ۾ وڏي وزير مطالبو ڪيو آهي ته گيس جي فراهمي تي هڪ طرفو لڳايل پابندي کي جلد ختم ڪندي سنڌ ۾ سمورن گهريلو ، صنعتي ۽ ڪمرشل سيڪٽرز کي ترت گيس فراهم ڪيو وڃي. وڏي وزير پاران خط ۾ لکيو ويو آهي ته ميڊيا رپورٽ موجب وفاق 37 ارب رپين جا 97 قدرتي گيسن جا منصوبا پنجاب ۾ شروع ڪيا آهن جڏهن ته قدرتي گيس جي اهڙي ريت واڌ تي وفاقي حڪومت پاڻ وقتي پابندي لاڳو ڪئي آهي. گيس نيٽ ورڪ جو پنجاب ۾ واڌ آئين جي آرٽيڪل 158 جي خلاف ورزي آهي. پنجاب ملڪ جو ڪل 3 سيڪڙو گيس پيدا ڪندو آهي ۽ 42 سيڪڙو استعمال پيو ڪري. ايس ايس جي ايل ادارو سنڌ ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري علائقن کي گيس ڏيڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته وفاق پابندي هنئي آهي، جيڪڏهن اها پابندي آهي ته پنجاب ۾ ڪهڙي بنياد تي گيس ڏنو پيو وڃي. ايس ايس جي ايل اسپيشل اڪنامڪ زون خيرپور ملڪ جو اول نمبر انڊسٽريل پارڪ آهي، تنهن کي به گيس ڏيڻ ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪيو وڃي. ايس ايس جي ايل وٽ شهري علائقن جي هزارين گهرن جي ڪنيڪشن جون درخواستون پيل آهن پر انهيءَ تي گيس جي اڻهوند سبب عملدرآمد نه پيو ٿئي. سي سي آئي ۾ قانون واري وفاقي وزير جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي. وڏي وزير خط ۾ گهر ڪندي چيو ته ڪميٽي جي سفارشن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي. گيس جي فراهمي تي هڪ طرفو لڳايل پابندي کي جلد ختم ڪندي سمورن گهريلو، صنعتي ۽ ڪمرشل سيڪٽرن کي فوري گيس فراهم ڪيو وڃي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج