را جي مداخلت ۽ احسان الله احسان جا انڪشاف..!

April 28, 2017 at 7:12 am

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته احسان الله احسان پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي لاءِ غيرملڪي ايجنڊا ۽ ارادن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، اها آپريشن ردالفساد جي ڪاميابي آهي. ڪالهه پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته اسان جا نوجوان اسان جي طاقت آهن، اهي ڪڏهن به اهڙن ارادن جو شڪار نه ٿا بڻجي سگهن. ميجر غفور پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي ۽ آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته احسان الله احسان پاران دشمنن جي ايجنسين جي ايجنڊا بي نقاب ڪرڻ آپريشن ردالفساد جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته دشمن ايجنسين پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جو هڪڙو خاڪو ٺاهيو آهي ۽ هاڻي ان کي بي نقاب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملڪ جا نوجوان اسان جي طاقت آهن ۽ اسان جي نوجوانن کي ڪنهن به قيمت تي ڀٽڪائي نه ٿو سگهجي. واضح رهي ته احسان الله احسان تازو ئي سيڪيورٽي فورسز آڏو هٿيار ڦٽا ڪندي پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو آهي ته را ۽ افغان ايجنسي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهن ۽ دهشتگردن کي سرحد پار افغان عملدار ڪرائيندا آهن ۽ انهن وٽ افغانستان جا ڪارڊ آهن. هن پنهنجي اعترافي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته طالبان سان اختلاف پاڪستان خلاف ٻين ملڪن کان مدد وٺڻ تي ٿيا. هن چيو ته نوجوانن کي اسلام ۽ مذهب جي نالي تي ڀرتي ڪيو ويو. احسان الله احسان ملڪ ۾ وڏين وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته خالد خراساني چيو آهي ته پاڪستان خلاف جيڪڏهن اسرائيل به مدد ڪندو ته ان کان به مدد وٺنداسين. هن چيو ته طالبان دهشتگردي جو رستو ڇڏي امن جي راهه تي اچن.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج