عمران خان کان آف شور ڪمپنين جا مڪمل تفصيل طلب…!

May 10, 2017 at 7:07 am

سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کان سندس سمورين آف شور ڪمپنين کان مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي لاءِ حنيف عباسي جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائيندي عمران خان جي بئنڪ اڪائونٽس، بني گالا ۾ زمين جي خريداري لاءِ ڪيل ادائيگي، عمران خان جي 2001ع کان 2003ع تائين جي انڪم، ويلٿ ٽيڪس گوشوارا ۽ جمائما خان جي نالي تي اڪائونٽن جا تفصيل طلب ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رڪارڊ تائين پهچ يا فراهمي لاءِ درخواست ڏيو، توهان جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪنداسين جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته عمران خان فليٽ جو مالڪ نه پر فليٽ آف شور ڪمپني جي ملڪيت آهي، ڪجهه سئو رپين جو بئنڪ اڪائونٽ هجي ته به ظاهر ڪرڻ ضروري هوندو آهي، عمران خان آف شور ڪمپني ۽ فليٽن کي لڪايو، ڄاڻي واڻي اثاثا ظاهر نه ڪرڻ غلط بياني جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عمران خان پنهنجي جائيداد ناهي لڪائي، عمران خان جي جواب ۾ فليٽ جي قيمت درج آهي، عمران خان آف شور ڪمپني نه پر فليٽ کي ظاهر ڪيو، توهان فني بنيادن تي کيڏي رهيا آهيو جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته عمران خان موجب اها ڪمپني هن ٺاهي ۽ پوءِ وري چيو ته ڪمپني سندس ڀيڻن جي هئي، 2000ع تائين نيازي سروس تي ويلٿ ٽيڪس لاڳو هجي ها، نيازي سروس جا اثاثا لنڊن ۾ 2003ع ۾ وڪرو ٿيا، فليٽ 2003ع ۾ وڪرو ٿيو ته نيازي سروس 2015ع تائين ڪيئن هلي، 350 پائونڊ ڪمپني فيس ۽ سوليسٽر کي هڪ هزار پائونڊ فيس ڏني ويندي رهي، 12 سال ڪمپني فيس ۽ وڪيلن جون ادائيگيون ڇو ڪيون، ڇا 12 سال ڪمپني بيدا ڏئي رهي هئي، ان عمل مان لڳي ٿو ته نيازي سروس جا ٻيا به اثاثا هئا ۽ اهي اڃا تائين لڪايا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته عام ماڻهو کي ٽيڪس معاملن جو پتو ناهي هوندو، گهڻا ماڻهو اڪائونٽنٽ ۽ ڪنسلٽنٽ جي چوڻ تي هلندا آهن، اهو معاملو به آساني سان حل ٿي سگهي ٿو، عمران خان کان حلفنامو وٺي سگهون ٿا ته نيازي سروس جو فليٽ کانسواءِ ڪو به اثاثو نه هو، توهان هڪ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي نااهلي چاهيو ٿا، صرف فرضي ڳالهين تي ڪنهن کي نااهل قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، صادق ۽ امين نه هجڻ سڄي زندگي جو داڳ آهي، ٺوس ثبوتن کانسواءِ ڪيئن چونداسين ته ڪير صادق ۽ امين آهي يا نه، جڏهن ته جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جو ڪيس ڪيپيٽل اثاثن بابت آهي پر جن قانونن جو حوالو ڏئي رهيا آهيو اهي ته انڪم ٽيڪس بابت آهن، غيرملڪي اثاثا ظاهر ڪرڻ ڪهڙي قانون تحت ضروري آهي جڏهن ته چيف جسٽس حنيف عباسي جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جا نتيجا قانون ۾ درج آهن، توهان انڪم ۽ ويلٿ ٽيڪس قانون کي گڏائي رهيا آهيو، ڇا اثاثا ظاهر نه ڪرڻ سان نااهلي جو سوال پيدا ٿئي ٿو، ڇا چونڊيل ميمبر ان بنياد تي نااهل ٿي سگهي ٿو ته هن پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪيا، ڇا ماضي جي قدم تي ڪنهن کي اهو چئي سگهجي ٿو ته هو صادق ۽ امين نه هو، جڏهن ته جسٽس فيصل عرب پڇيو ته توهان عمران خان جي ٽيڪس گوشوارن کي ڏٺو ئي نه آهي ته پوءِ ڪيئن چئي سگهو ٿا ته انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ آف شور ڪمپنين جو ذڪر نه آهي، جڏهن ته چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي آف شور ڪمپنين جا تفصيل ڏيڻا پوندا، آف شور ڪمپنيون ڪيئن ٺهن ٿيون ۽ ان جو مالڪ ڪير هوندو آهي، مالڪ ۽ بينيفشر ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي، ڇا آف شور ڪمپني لاڳاپيل مالڪ جي قانون موجب ٽيڪس بچائڻ جي لاءِ هوندي آهي ڇا ٽيڪس ايمنسٽي مان فائدو کڻڻ غيرقانوني آهي. اڪرم شيخ پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته بني گالا جي زمين جو سودو 4 ڪروڙ 35 لک رپين ۾ ٿيو، جمائما کان 3 ڪروڙ 90 لک رپيا اڌار وٺي واپس ڪيا ويا ته پوءِ لنڊن فليٽ جا رهيل 2 ڪروڙ 40 لک ڪيڏانهن ويا، عمران خان موجب باقي رقم جمائما خان کنئي هئي پر جمائما خان طرفان رقم جي منتقلي ثابت ناهي ٿي، ظاهري طور تي اهو معاملو مني لانڊرنگ جو لڳي ٿو،


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج