پاڙيسري ملڪن سان پرامن ناتا چاهيون ٿا..!

May 25, 2017 at 7:19 am

آرمي چيف چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام امن لاءِ اڻ ڳڻتيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان پاڙيسري ملڪن سان پرامن ناتا چاهيون ٿا، تنهن هوندي به سرحدن تي ڪنهن به قسم جي اڳرائي ۽ مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏينداسين، سرحدن سان گڏ ڪنهن به جڳهه تي ڪنهن به ڇڪتاڻ واري ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، سيڪيورٽي فورسز جي اڻ ڳڻين قربانين کانپوءِ استحڪام حاصل ٿيو، آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جي صدارت هيٺ 75 هين سالياني فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي گذري. شريڪ ٿيلن کي جيو اسٽريٽجڪ صورتحال، آپريشن رد الفساد ۾ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي، روايتي خطرن خلاف آپريشنل تيارين ۽ قومي سلامتي بابت معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي اڻ ڳڻين قربانين کانپوءِ استحڪام حاصل ٿيو، پرامن پاڪستان لاءِ قوم جي مدد سان انهن ڪاميابين کي مستحڪم ڪيو ويندو. اوڀر، اولهه محاذن تي اڳين مورچن جي ڪيل دورن جو حوالو ڏنو، آرمي چيف اوڀر، اولهه سرحدن تي آپريشنل تيارين کي ساراهيو، آرمي چيف سرحدي، سيز فائر ڀڃڪڙين جو جواب ڏيڻ تي فوجين کي ساراهيو، آرمي چيف اوڀر، اولهه سرحدن تي فوجين جي بلند حوصلي کي ساراهيو، ڪانفرنس ۾ فاٽا جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ پاڪ افغان بهتر بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان غور ڪيو ويو، سڌارن واري عمل کي فاٽا عوام جي جذبن مطابق ڪرڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.  پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڪانفرنس ۾ سي پيڪ ۽ سي پيڪ جي منصوبن جي سيڪيورٽي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته بلوچستان جي بهتر ٿيندڙ صورتحال تي به غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستاني سرحدن جو هر صورت ۾ تحفظ يقيني بنايو ويندو ۽ امن جي قيام تائين ڪراچي ۽ پنجاب سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آپريشن جاري رهندا.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج