پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم کي طلب ڪرڻ جو فيصلو

May 26, 2017 at 8:36 am

پاناما ڪيس ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاناما ڪيس ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نوٽيس تيار ڪري ورتو آهي. وزيراعظم نواز شريف کي سوال نوٽيس سان گڏ موڪليا ويندا، جوابن سان گڏ جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيڻ جو چيو ويندو جڏهن ته جي آءِ ٽي وزيراعظم هائوس نه ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسين نواز طرفان پاناما ڪيس جي جي آءِ ٽي ۾ شامل ٻن ميمبرن بلال رسول ۽ عامر عزيز جي شموليت تي اعتراض اٿاريا ويا هئا، حسين نواز سپريم ڪورٽ ۾ جي آءِ ٽي جي ٻنهي ميمبرن جي حوالي سان درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو ته ٻئي سياسي جماعت سان لاڳاپا رکن ٿا، ان ڪري اهي ڪيس ۾ غيرجانبدار نه رهندا. سپريم ڪورٽ جي خصوصي بئنچ جي ٽنهي ججن متفقه طور تي حسين نواز جي درخواست کي منظوري ڪندي جي آءِ ٽي ميمبرن تي اٿاريل اعتراضن جي حوالي سان ٻڌڻي 29 مئي تي مقرر ڪري ڇڏي. وزيراعظم جي ترجمان ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي جهڙي طرح ڪرڻ گهرجي، اهڙي ريت اها نه ڪري رهي آهي، جاچ لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار قانون جي خلاف آهي، هڪ نجي ٽي موجب ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته آئين ۽ قانون کان هٽي ڪري جاچ ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ جي نوٽيس ۾ آندو ويندو، عدالت کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته جهڙي طرح جاچ کي شفار چيو پيو وڃي، اها شفاف آهي به يا نه. هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي بابت سمورا تفصيل ۽ خدشا سپريم ڪورٽ حوالي ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته نوازليگ جي طرفان سياسي وابستگي جي بنياد تي جي آءِ ٽي جي جن ٻن ميمبرن تي تحفظات جو اظهار ڪيو ويو آهي، انهن مان هڪ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جو نمائندو بلال رسول آهي، ذريعن موجب بلال رسول جي زال شاهين رسول 2013ع جي چونڊن ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي ق ليگ جي اميدوار رهي چڪي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته بلال رسول جا ق ليگ سان لاڳاپا آهن.

 


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج