نهال هاشمي جي ڌمڪين جو سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو

June 2, 2017 at 6:21 am

وزيراعظم نواز شريف سينيٽر نهال هاشمي کان پارٽي رڪنيت ۽ سينيٽ شپ تان استعيفيٰ وٺي ڇڏي، وٽس مسلم ليگ ن سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو آهي، جنهن تان پڻ کيس لاهڻ جا اطلاع آهن. رپورٽن موجب نهال هاشمي کي وزيراعظم هائوس به طلب ڪيو ويو آهي ۽ کيس پارٽي طرفان باقاعدي طور شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب نهال هاشمي کان استعيفيٰ طلب ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته کانئس نه رڳو پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ گهري وئي آهي پر سينيٽر شپ تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو. نهال هاشمي سينيٽ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن پنهنجي استعيفيٰ سينيٽ جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري سينيٽر جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون جاري نٿو رکي سگهان. ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي اڳوڻي اڳواڻ نهال هاشمي جي تقرير جو چيف جسٽس آف پاڪستان پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. نهال هاشمي جي تقرير جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺندي کيس ذاتي حيثيت ۾ سپريم ڪورٽ گهرائي ورتو آهي. سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پڻ جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. واضح رهي ته سينيٽر نهال هاشمي پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي سنئين سڌي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف نوٽيس وٺندي سندس پارٽي جي بنيادي ميمبر شپ ڪري ڇڏي ۽ کيس سينيٽ جي رڪنيت تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو. واضح رهي ته حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جي سينيٽر نهال هاشمي پنهنجي جذباتي تقرير ۾ ڌمڪي ڏني هئي ته پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم کان حساب گهرندڙن لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين، هڪ تقريب ۾ هن ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته حساب وٺڻ وارا سڀاڻي رٽائر ٿي ويندا ۽ پوءِ اسان انهن جو يوم حساب بڻائي ڇڏينداسين.

سندس وڊيو بيان ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته ٻڌي وٺو ته جنهن کان حساب وٺي رهيا آهيو ته هو نوازشريف جو پٽ آهي، اسان نوازشريف جا ڪارڪن آهيون، حساب وٺڻ وارو، اسان توهان جو يوم حساب بڻائي ڇڏينداسين. هن چيو ته جن به حساب ورتو آهي ۽ جيڪي وٺي رهيا آهن، اهي ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته اسان چوڙيون ناهن پاتيون، اڄ توهان حاضر سروس آهيو، سڀاڻي رٽائر ٿي ويندو، اسان توهان جي ٻارن لاءِ، توهان جي خاندان لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين. نهال هاشمي وڌيڪ چيو ته توهان پاڪستان جي باضمير، بارڪردار وزيراعظم نوازشريف جو زنده رهڻ تنگ ڪري رهيا آهيو، پر پاڪستاني قوم توهان کي تنگ ڪري ڇڏيندي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج