افغان قيادت کي سرحدي نظام بهتر بڻائڻ جي دعوت

June 3, 2017 at 6:19 am

صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت خطي جي امن ۽ استحڪام ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير مسئلي جو واحد حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي، ڪنٽرول لائين تي مسلسل جارحيت ۽ بي گناهه ڪشميرين تي ظلم قابل مذمت آهي، انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ حڪومت، پارليامينٽ جا ميمبر، سياسي پارٽيون ۽ علمي ۽ تحقيقي ادارن کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغان قيادت کي گڏيل تعاون سان سرحدي نظام بهتر بڻائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تي پوري خطي جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندو، پاڪستان ۾ واڌ ويجهه جي شرح گذريل 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ بلند سطح تي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 23 ارب ڊالر کان ٽپي ويا آهن، ناڻي واڌ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، عالمي ادارا ان بهتري جو اعتراف ڪري رهيا آهن، غربت جي خاتمي جي لاءِ قومي سطح تي سخت محنت جي ضرورت آهي، پاڪستان سفارتي ميدان ۾ به اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پاڪستان اسلامي دنيا جي مسئلن جي حل جي لاءِ سدائين مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل قومن کي وڌيڪ موثر ۽ مفيد بڻائڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا ضروري آهن. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستاني جمهوريت وڏا لاها چاڙها ڏٺا آهن، اسان جي جمهوريت آزمائش جي گهڙين مان به گذري آهي ۽ قوم جي عزم جي ڪري ان وڏا معرڪا به سر ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي پارليامينٽ جو پنهنجي حقيقي مقصد حاصل ڪرڻ طرف ڪاميابي سان سفر جاري آهي، هي عهد ان اعتبار کان گهڻي معنيٰ رکندڙ آهي ته بي شمار مشڪلاتن جي باوجود پارليامينٽ پنهنجي فيصلائتي حيثيت نه صرف برقرار رکي پر انتهائي شديد سياسي اختلافن جي باوجود قومي اتحاد جي سڀ کان وڏي علامت بڻجي اڀري ، تاريخ ۾ ان جو هي ڪردار سدائين رکيو ويندو جنهن تي توهان سڀني کي ۽ پاڪستاني قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو.

صدر چيو ته سياسي ۽ مالي معاملا هجن، قومي سلامتي جي باري ۾ شڪ ۽ شبها يا ڏکي صورتحال جا ٻيا مسئلا، انهن سڀني جو بنياد ماضي جي حالتن، غلط فيصلن ۽ وقتي مقصدن جي لاءِ اختيار ڪيل پاليسيون رهيون آهن،. صدر چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي دوران بي رخ پاليسين ۽ تدبر کان محروم طرز عمل سبب قيمتي وسيلا بي دردي سان ضايع ڪيا ويا.  هاڻي احساس زيان به موجود آهي ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو به آهي. رياست جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسيون، مختلف وڏن کنڊن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ نئين دنيا جي تخليق جو ذريعو بڻجندڙ پاڪ چين اقتصادي راهداري ۽ توانائي جي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ بجلي جي پيداوار جا منصوبا ان سلسلي جي ڪڙي آهن.. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي بهترين ڪارڪردگي وارين معيشتن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگي ۾ به مسلسل تيزي ڏٺي پئي وڃي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن به مالياتي ترتيب ۽ انتظام جي حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر ممنون حسين چيو ته اسان جو روانگي واپار ڪجهه عرصي کان مشڪلاتن جو شڪار آهي ان جو سبب عالمي منڊين ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي آهي، آئون چاهيان ٿو ته واپار واري وزارت لاڳاپيل ماهرن جي تعاون سان ان مسئلي جو موثر ۽ ڊگهو حل ڳولي رهيا آهن، روانگي واپار جي ڏس ۾ دفاعي پيداوار جي شعبي جي ڪارڪردگي نمايان طور تي بهتر رهي آهي، اسان جي دفاعي مصنوعات نه صرف معياري پر گهٽ قيمت به آهي جيڪا مارڪيٽ کي آساني سان متوجهه ڪري سگهي ٿي، اسان کي پنهنجي ان صلاحيت کان وڌيڪ فائدو کڻڻ جي لاءِ مارڪيٽنگ جي جديد ٽيڪنڪ اختيار ڪرڻ گهرجي. آبادي ۾ تيز رفتار اضافي ۽ محدود وسيلن سبب ملڪ ۾ طبي سهولتن جي صورتحال قابل رشڪ ناهن، ڏورانهن ۽ پوئتي پيل هنڌن تي دوا خانن ۽ اسپتالن جي موجودگي جي باوجود ڪجهه ماڻهن جي نااهلي سبب طبي سهولتون آساني سان ميسر نٿيون اچن، ان لاءِ ضروري آهي ته طبي انتظام بهتر بڻايو وڃي ۽ وڌندڙ آبادي جون ضرورتو پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ اسپتال ۽ هيلٿ يونٽس قائم ڪيا وڃن. صدر ممنون حسين چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه قدرتي حسن سان نوازيو آهي جنهن ۾ قدرتي مناظر، دنيا جي قديم ترين تهذيبي آثار ۽ مذهبي سياحت جا عظيم الشان مقام شامل آهن پر بدقسمتي سان هي شعبو ڌيان کان محروم رهيو آهي جتوڻيڪ سياحت جي ادارن کي متحرڪ ڪري معيشت کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. آئون اميد ڪريان ٿو ته حڪومت ان معاملي ۾ فوري ڌيان ڏيندي ڇو ته امن امان جي بهتر ٿيل صورتحال کانپوءِ سڄي دنيا مان سياحن جي وڏي پئماني تي آمد متوقع آهي ان لاءِ ضروري آهي ته وطن عزيز جي سياحتي مقامن تي سهولتن ۾ مرحليوار اضافو ڪيو وڃي،

 


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج