اين ايف سي ايوارڊ…!

June 8, 2017 at 5:48 am

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان نه ڪري پنهنجي نااهلي ثابت ڪري ڇڏي آهي. اٺين اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ جو حصو هڪ کرب 8 ارب هلندڙ مالي سال ۾ نه ملڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي ماڻهن تي چوري جو الزام هڻندڙ خود چور آهن غلط بل موڪليا ويا جاچ کانپوءِ اهو ثابت ٿيو ته بلنگ غلط هئي. سنڌ ۾ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي زيرو آهي، سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي توجه نه ڏنو ويو ته پوءِ عوام جي احتجاج کي روڪي نه سگهنداسين ۽ شايد اسان به انهن سان گڏ ٿي وڃون. اها ڳالهه اڄ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران ڪئي. وڏي وزير سان گڏ اطلاعات وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، ۽ ٻيا پڻ هئا. وڏي وزير چيو ته وڏي وزير چيو ته اسان هڪ ٽرلين رپين کان وڌيڪ واري بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ تعليم لاءِ رکيو آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ جي ترقيءَ  لاءِ 70 بلين رپيا رکيا ويا آهن، ميگا پروجيڪٽ لاءِ 12 بلين رپيا، ڪي فور لاءِ 15 بلين رپيا، ايس ٿري رٿا لاءِ 3 بلين رپيا، عالمي بينڪ جي سهڪار سان اولڊ سٽي ري هيبليٽيشن وارو پروگرام شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ 10 بلين رپين جون 18رٿائون جون ۾ مڪمل ڪيون وينديون، باقي رٿائون آگسٽ تائين مڪمل ڪيون وينديون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ نئين مالي سال ۾ وڌيڪ رٿائون شروع ڪيون وينديون


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج