پاڙيسري عرب ملڪن جي قطر سان ڇڪتاڻ: پاڪستان لاءِ نئين مشڪل

June 8, 2017 at 5:50 am

عالمي واءُ سواءُ

قطر کي اوچتو سندس پاڙيسري ملڪن تنها ڪري ڇڏيو آهي، بحرين، سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ مصر قطر سان سفارتي ناتا ختم ڪري ڇڏيا آهن، العربيه ٽيلي ويزن موجب سعودي عرب قطر سان ملندڙ پنهنجي سرحد کي بند ڪري ڇڏيو آهي، چئني ملڪن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قطر شام ۽ يمن ۾ دهشتگردن سان گڏ مسلسل تعاون ڪري رهيو آهي، ان جي ڪري اهڙو قدم کنيو ويو آهي، واضح رهي ته خطي ۾ قطر جا سندس پاڙيسري ملڪن سان رابطا گذريل ڪيئي ڏهاڙن کان ڇڪتاڻ وارا هئا.

رياض حڪومت ڪالهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب پاڻ کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان محفوظ رکڻ لاءِ قطر سان سفارتي ناتا ختم ڪرڻ ۽ ان ملڪ سان ملندڙ سموريون سرحدون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي بيان ۾ سعودي حڪومت پاران سمورن برادر ملڪن کي به اهڙو ئي قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي.

سعودي عرب کانپوءِ بحرين ۽ متحده عرب امارات پاران به پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ موجود سمورن قطري سفارتڪارن کي 48 ڪلاڪن جي اندر ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح هاڻي انهن چئني ملڪن مان قطر لاءِ ڪابه اڏام نه ويندي ۽ نه ئي سمنڊ رستي ڪو رابطو ممڪن ٿي سگهندو، متحده عرب امارات جي فضائي ڪمپني اتحاد ايئر ويز قطر لاءِ پنهنجون اڏامون به منسوخ ڪري ڇڏيون آهن. قطر جو چوڻ آهي ته ان کي سعودي عرب، مصر، بحرين ۽ متحده عرب امارات طرفان ناتا ختم ڪرڻ جي فيصلي تي افسوس ٿيو آهي، الجزيره ٽيلي ويزن قطري پرڏيهي وزارت جي هڪ ترجمان جي حوالي سان چيو آهي ته اهو فيصلو غير منصفاڻو آهي ۽ رڳو اهڙا الزام آهن، جن جو ڪوبه بنياد ناهي، قطر جي حڪومت موجب ان فيصلي سان قطري شهرين ۽ رهواسين جي عام زندگي تي ڪوبه اثر نه پوندو.

قطر جا ٻين عرب ملڪن سان ناتا مئي جي آخر ۾ ان وقت ڇڪتاڻ وارا ٿيا هئا، جڏهن هڪ وڊيو منظر عام تي آئي هئي، هيڪرز طرفان نشر ڪيل ان وڊيو ۾ قطري امير شيخ تميم الثاني جا اهڙا بيان شامل هئا، جن ۾ هو ٻين نار ملڪن جي سربراهن کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو هو، ان وڊيو ۾ ايران سان ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي هئي، جڏهن ته اسرائيل ۽ قطر جي ناتن کي به سٺو قرار ڏنو ويو هو، نار ملڪن ان حوالي سان قطري وضاحت کي رد ڪندي دوحه ۾ قائم الجزيره ٽي وي چئنل جي نشريات کي به بند ڪري ڇڏيو هو.

سعودي عرب، بحرين، مصر ۽ متحده عرب امارات پاران قطر جي خلاف سخت قدمن پاڪستان لاءِ هڪ نئين مشڪل پيدا ڪري ڇڏي آهي، تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته خليجي خطي ۾ تڪرارن جا اثر وچ اوڀر سميت ڏکڻ ايشيا تي به پوندا. ڪيئي تجزيه نگارن جي خيال ۾ هاڻي روايتي طور تهران کانسواءِ دوحه به سعودي عرب جي پاليسين جو مخالف نظر اچي ٿو، جنهن جا امڪاني اثر وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا تي پوندا، ان ڪري پاڪستان هن وقت هڪ پيچيده صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان پاران هڪ بيان به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد جو في الحال قطر سان ناتا ختم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.

قطر خلاف کنيل قدمن مان لڳي ٿو ته صورتحال وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ واري آهي، نواز حڪومت لاءِ مسئلو اهو آهي ته سعودي عرب ۽ قطر ٻئي ان جا محسن آهن، شريف خاندان کي سعودي عرب پناهه ڏني هئي ۽ قطر سان ان خاندان جا تجارتي ناتا آهن. پاناما ليڪس جي ڪري به قطر اهم آهي، پهرين صرف ايران جو مسئلو هو، هاڻي قطر به سعودي پاليسين جي خلاف نظر اچي ٿو. ان ڪري پاڪستان لاءِ اها تمام گهڻي پيچيده صورتحال آهي، هڪ طرف سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات آهي، جتي لکين پاڪستان ڪم ڪري ٻاهريون ناڻو پاڪستان اماڻي رهيا آهن، جيڪي پاڪستاني معيشت لاءِ انتهائي اهم آهن، ان کان علاوه سعودي عرب پرويز مشرف، نوازشريف ۽ راحيل شريف جو به محسن آهي، ٻئي طرف ايران آهي، جنهن سان گڏ نه رڳو شام، عراق ۽ قطر آهي، بلڪه چين به هڪ طرح سان تهران سان گڏ آهي ۽ ڪنهن وڌيڪ ڇڪتاڻ جي صورت ۾ ماسڪو به تهران سان گڏ هوندو. اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن پاڪستان ايران جي خلاف وڃي ٿو ته ان کي چين ۽ ٻين ملڪن جي ناراضگي کي منهن ڏيڻو پوندو، ٻئي پاسي آمريڪا ۽ سعودي عرب آهن، جيڪي پاڪستان جا اتحادي رهي چڪا آهن ۽ هاڻ به انهن سان سندس سٺا ناتا آهن، ان ڪري پاڪستان لاءِ ڪنهن هڪ طرف وڃڻ يا غير جانبدار رهڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو.

تهران ۽ رياض وچ ۾ توازن جي ڳالهه ڪرڻ غير منطقي آهي، قطر جي خلاف قدمن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سعودي عرب تابعداري چاهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ ورهاست واضح آهي، هڪ طرف مصر، سعودي عرب، بحرين، متحده عرب امارات، آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻيا ڪجهه ملڪن آهن، جڏهن ته ٻئي طرف ايران، چين، روس، عراق، شام ۽ خطي ۾ تهران جا اتحادي آهن ته پاڪستان جو چوڻ ته اهڙين حالتن ۾ هو غير جانبدار رهندو، اها حقيقت تي ٻڌل ڳالهه ناهي، عالمي سطح تي اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته وري به اسلام آباد جو جهڪاءُ رياض حڪومت طرف هوندو، بهرحال، اسلام آباد کي تمام گهڻو محتاط رويو اختيار ڪرڻو پوندو، اهو چوڻ غلط نه هوندو ته هن وقت اهڙي صورتحال آهي، ڄڻ ته اسلام آباد کي پل صراط تان گذرڻو آهي، پاڪستان لاءِ سي پيڪ به اهم آهي، پر انهن حالتن ۾ هڪ طرف سعودي عرب ۽ آمريڪا آهن، ٻئي طرف تهران. ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ايران به پنهنجا همدرد تيار ڪندو، جنهن سان خطي ۾ تشدد وڌندو ۽ ان سان پاڪستان لاءِ مشڪلاتون وڌنديون، نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ سي پيڪ جا منصوبا مڪمل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو، اها ئي پاڪستان جي سڀ کان وڏي پريشاني آهي. ٻيو ته پاڪستان لاءِ پرڏيهي پاليسي جا آپشن محدود ٿيندا پيا وڃن، پاڪستان جو ايران سان گڏيل بارڊر آهي، جتي پهرين ئي مسئلا آهن، پر جيڪڏهن پاڪستان رياض کي ناراض ڪري ٿو ته خليج عرب رياستن جو جهڪاءُ ڀارت طرف ٿي ويندو، جڏهن پاڪستان يمن جي مسئلي تي هڪ غيرجانبدار پوزيشن ورتي هئي ته ان وقت به ڪجهه خليجي ملڪن ڀارت طرف جهڪاءُ شروع ڪيو هو، جنهن سان پاڪستان لاءِ مشڪل صورتحال پيدا ٿي.

 


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج