پاڪستان ايران افغانستان تعلقات بهتر ٿين لڳا

June 8, 2017 at 5:51 am

سيد زوار حسين شاه

ڪابل ۾  بين القوامي ڪانفرنس ۾ 25 ملڪن جا نمائينده ، سربراهان شرڪت ڪري رهيا آن هن اجلاس ۾ نيٽو يو اين او سميت ٻين ڪئي اهم ملڪن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري پنهنجي پنهنجي ملڪ جو موقف پيش ڪيو افغان صدر خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادري دهشتگردي جي معاملي تي سري عام ظاهر ٿي دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد نه ٿا ڪن  جنهن ۾ ايران پاڪستان دوستي جي اهميت تمام ملڪن لاء اهم هئي ان سان گڏ افغانستان جي صدر غني اشرف پنهنجي خطاب ۾ طالبان کي دفتر کولڻ جي آڇ ڪ.ي ان چيو ته اسان ان جي بدلي امن مان چاهيون ٿا اسان کي اهو تعجب پيو ٿئي ته جيڪڏهن طالبان لاء ايڏو نرم گوشو رکيو ويندو ته پوء بچندو ڇا ، ان ڪري تمام ملڪن کي هڪ ٿي دالبان داعش ۽ ڪالعدم تنظيمن سان گڏجي جنگ وڙهڻي پوندي  ڪئي ملڪ پاڪستان ايران سان راضي ناهين ان ڪري هو بلاواسطه ه پاڪستان جي دشمنن سان گڏجي پاڪستان اندر امن مان خراب ڪرڻ لاء پاڪستان اندر ڪالعدم تنظيمن سياسي پارٽين کي پڻ فنڊنگ ڪن ٿا اهو سچ آهي يا ڪوڙ ان تي تبصرو نه ٿا ڪري سگهون ، ڀارت  پاڪستان اندر ڪئي شهرن ۾ مداخلت ڪري پاڪستاني عوام کي بغاوت جي ترغيب ڏئي ٿو  نوجوانن کي هٿيار کڻن لاء پيسا ڏيئي ٿو ، پر پاڪستان ايران هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ شروع ٿي ويا آهن اعلي نمائيندن ۾ اعتماد بحال ٿئي ٿو اهڙي صورت حال کان پوء انهن ملڪن کي اکين ۾ مرچ پوڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪي نه ٿا چاهين ته هي ٻئي ملڪ گڏ ٿين پر پاڪستان حڪومت ته ايران سميت افغانستان اسان به پنهنجا تعلقات مضبوط ڪرڻ آهي پاڪستان چاهي ٿو ته هن خطي ۾ امن مان بحال ڪرائڻ لاء اهو صروري آهي ته گڏجي دهشتگردن جو صفايو ڪيون جيئن پنهنجي عوام جي جان مال جي حفاظت ڪري سگهون                           .

پاڪستان مٿان دهشٿگردي مڙهيندڙ پاڪستان دشمنن ايران پاڪستان کي هڪ ٻئي کان جدا ڪيو ان کان اڳ افغانستاان کي پري ڪيو ويو جيڪا هنن ٽنهي ملڪن خلاف تام وڏي سازش آهي جنهن کي سوچي سمجهي دور ڪرڻو پوندو پاڪستان افغانستان ۽ ايران  دحستگردي جو گهڻو شڪار رهيا آهن جن کي هو پنهنجي پنهنجي حلمت علي اختيار ڪندي دور ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن ڪجهه عرصي کان وٺي پاڪ ايران سرحدن تي پڻ ڪجهه اهڙا واقعا پيش آيا جو ٿور هڪ ٻئي کان پوئتي هٽڻو پيو

،پاڪستان ۾ چائينه جي اشراڪ سان سي پيڪ منصوبو مڪمل ٿيدو جنهن ۾ پوري دنيا سان ئين طرح سان رابطا ٿيندا سفارتي سطح تي پڻ مضبوط رشتا وڌندا ، هن سڄي صورت حال ۾ چين روس جو اهم ڪردار آهي ڪجهه غلط فهميون پڻ پيدا ٿيون جن کي ڳالهين ذريعي دور ڪيو ويو جنهن کان پوء صورت حال ۾ بهتري آئي ، ۽ ايران جو وزير خارجه جواد ظريف پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪيو ۽ هو پاڪستان پهچي وزيراعظم محمد ميان نواز شريف  وزير خارجه وزير دفاع سان ملاقاتون ڪيون جنهن سان ڪجهه مهينا اڳ غلط پيدا ٿيل غلط فهميون دور ڪيون ويون پاڪستان پهريان کان دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايون بيٺو آهي پر ڏک ان ڳالهه جو ٿئي ٿو ته پوء به عالمي دنيا پاڪستان مٿان آکريون کنيون بيٺي آهي جيڪو سرار غلط آهي پر دهشتگردن جنهن طرح سان پاڪستان کي نشانو بڻايو آهي ٻيو ڪو مثال نه ٿو ملي ان سان گڏ طاقتور قوتون پاڪستان ۾ انتشار ڦيهلائڻ ۾ هر ممڪن ڪوشش ۾ آهن

پر اسان کي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستاني عوام پهريان به اکيون کولي ملڪي صورت حال کي ڏسي پيو ۽ هاڻي به اکيون کليل آهن پاڪستان اندر جيڪي به دهشتگردن ڪاروايون ڪيون آهن انهن پاڪستان ۾ امن مان جي صورت حال تباهه ڪئي آهي ان جو هڪ خاص مقصد هو اهو اهيو ته پاڪستان ترقي نه ڪري سگهي جيڪا انهن جي ڀل آهي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سميت پاڪ آرمي سدائين اها ڪوشس ڪئي آهي ته پاڙيسري ملڪن سان هم آهنگي رهي  سٺا تعلقات قائم هجن اسلام جي نالي قائم ٿيل پاڪستان سان افغانستان هجي ،

ايران هجي شام هجي سعوديه هجي يا ڪي ٻيا اسلامي ملڪ انهن سان تمام گهڻا گهرا تعلقات قائم آهن جنهن ڪري پاڪستان جي هڪ مختلف شاناخت پڻ آهي جنهن کي پڻ فراموش نه ٿو ڪري سگهجي ، پاڪستان مٿان دهشتگردن يڪي بعد ديگر حملا ڪيا آهن جن کي پڻ پاڪستان زبردست انداز سان منهن ڏنو آهي جنهن  کان پوء انهن کي پڻ عبرت ناڪ شڪست ملي آهي ، جنهن کان پوء دهشتگردن تمام وڏيون حڪمت عمليون جوڙي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پاڪستان جي صوبي بلوچستان ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ هندستاي را  ايجنسي پنهنجا ايجنٽ موڪلي پاڪستان خلاف ڪجهه ماڻهن کي خريد ڪري انهن جي ذهنن ۾ نفرت ڀري پاڪستان خلاف ئي استعمال ڪرڻ جا ڪئي ثبوت مليا آهن جنهن کان پوء ظالبان سميت ٻين جا پڻ اشاره مليا ته هي گڏجي ڪاروايون ڪري رهيا آهن جنهن پڻ پاڪستان کي چوڪنا ڪيو ان کان بعد پاڪستان زبردست حڪمت عملي جوڙي بلوچستان مان را جو هڪ آفيسر ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي رنگي هاٿون گرفتار ڪيو جنهن کان پوء ڀارت پاڪستان مٿان پاڪستاني سرحدن مٿان مظلوم ڪشميرين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پر سلام پيش ڪيون ٿا عوام جي طاقت کي ٿا پاڪ فوج جي ڪيل فيصلي کي ٿا  جنهن فوجي عدالت ۾ ڪيس هلايو ڪلڀوشن ياديو کي مڪمل وڪيل پيش ڪري ان کي موقعو ڏنو ويو ته پاڻ مٿان لڳل الزامات کي ڪوڙو ڪري سگهي پر ڪيس ۾ هن تي سڀ الزامات ثابت ٿيڻ تي ان کي ڦاهي ڏيڻ جو پروانو جاري ٿيو جنهن کان پوء هو چرين وانگر اسان کي داٻا ڏيندو رهيو ان کان بعد ٽي ٽي پي پاڪستان جو مرڪزي ترجمان احسان الله احسان پنهنجو پاڻ کي پاڪ فوج جي حوالي ڪيو جنهن پڻ ڪئي خطرناڪ انڪشافات ڪيا جنهن کان پوء اجهو ته ثابت ٿيو ته ٻاهريون قوتون پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ۾ رڌل آهن پر مان سمجهان ٿو ته انهن کي وري به شڪست ملندي پاڪستان اندر ڪافي عرصي کان وٺي اهو محسوس پيو ٿئي ته ايران افغانستان کي اسان کان پري ڪيو پيو وڃي اهو ئي سبب هو جو پاڪستان ته پري ٿيندو پيو وڃي.

پر ايران افغانستان ء ڀارت جا ناتا مضبوط ٿيندي نظر ٿي آيا جنهن تي پڻ پاڪستان کي ڳڻتي ظاهر ڪندي ايران تائين پنهنجو پيغام پهچايو  جنهن کان پوء ڏک ڪڍيا ويا جنهن کان پوء ايران حڪومت ۽ پاڪستان حڪومت ۾ باقائدگي سان ملاقاتون ٿينديون رهيون نيٺ ايران جي وزير خارجه پاڪستان اسلام آباد اچڻ جو اعلان ڪيو جنهن پڻ پاڪستان دشمن ملڪن جو ننڊون حرام ضرور ڪيون هونديون پاڪستان تمام ملڪن سان امن امان چاهي ٿو پاڪستاني عوام جا ايران سان تمام سٺا لاڳا پا رهيا آهن پاڪستان اندر شيعه ڪميونٽي جي پڻ ڪافي اڪثريت آهي ايران مقصد زيارات ڪرڻ سان گڏ مذهبي هم آهنگي جهِڙا ڪئي پاڪ رشتا آهن جنهن کان پوء هڪ ٻئي کان دور نه ٿيڻ گهرجي پاڪستان افغانستان ايران جا ته ان ڪري به رشتا وڌيڪ مضبوط هئڻ گهرجن اسان مسلمان ملڪ آهيون اسان کي گهرجي ته هڪ ٻئي ملڪن جا دوره ڪري ه ٻئي سان ساٿ ڏيڻ گهرجي جيئن امن امان سان گڏ پنهنجي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري سگهون

************


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج