نهال هاشمي جي تقرير ۽ سياسي اڳواڻ

June 8, 2017 at 5:51 am

ربنواز راز ڄامڙو

استعيفي! ڏيڻ يا نه ڏيڻ سان نهال هاشمي جو مسئلو هل نه ٿيندو ڇا ڪاڻ هو ڄار ۾ وڪوڙجي ويو آهي هاڻي جيئن ڦٿڪندو تيئن ڦاسندو ويندو . هر پاڪستاني محب وطن هوندو آهي ان ڳالھ کي ڪو ٽاري نٿو سگھي اها سندس دعوا ونهنجي جاءِ تي پر مقدس ادارن جو ڀرم رکڻ لازمي آهي عدالتي ڪيشن هجي يا جي آءِ ٽي هجي يا ڪائي لارجر بينچ هجياها حلفيه اڻ ڌري جاچ ڪرڻ جي پابند هوندي آهي . جيڪي ماڻهون قسم ساک تي انصاف ڪرڻ لاءِ عمل پيرا هجن ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ وارو عمل قانون ۽ اخلاق جي دائري ، زمري  کان ٻاهر آهي تنهن هوندي به  مسلم ليگ ن اڳواڻ نهال هاشمي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سندس چوڻ  آهي ته مان محب وطن پاڪستاني آهيان، مون سان زيادتي ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نهال هاشمي چيو ته عمران خان سندس تقرير کي بنياد بڻائي مٿس حملو ڪيو، تحريڪ انصاف سربراهه به ساڻس ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ سامهون سٿڻون ٽنگيون ويون، جڏهن ته ادارن کي گاريون ڏئي علائقي کي ڌوٻي گهاٽ بڻايو ويو. سندس چوڻ هو ته منهنجي ڪلهي تي بندوق رکي هلائيندڙ به عدالت ڪٽهڙي ۾ ايندا. نهال هاشمي چيو ته ڪجهه ماڻهو ادارن ۾ ٽڪراءَ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته مان هميشه سپريم ڪورٽ جو احترام ڪيو آهي،  عدالت سندس موقف کي ٻڌو. سندس چوڻ هو ته 14 منٽ جي تقرير محب وطن پاڪستاني جي هئي، 24 ڪلاڪ سندس تقرير هلائي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. نهال هاشمي چيو ته عدالت کي ٻڌايو ته ساڻس زيادتي ٿي رهي آهي.ٻئي طرف نهال هاشمي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نهال هاشمي هڪ حڪمت عملي تحت استعيفيٰ جي تصديق لاءِ سينيٽ چيئرمين پيش نه ٿيو آهي. مسلم ليگ ن سينيٽر مشاهد الله خان چيو آهي ته نهال هاشمي کي استعيفيٰ ڏيڻ واري موقف تي قائم رهڻ گهرجي ها. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشاهد الله خان چيو ته نهال هاشمي کي پارٽي ڊسپلين جو خيال رکڻ گهرجي ها.

هن چيو ته سموري پارٽي نهال هاشمي جي استعيفيٰ واپس وٺڻ جي فيصلي کي ٺيڪ نه ٿي سمجهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ نهال هاشمي سينيٽ جي سيٽ تان ڏنل استعيفيٰ واپس وٺي ڇڏي.  مسلم ليگ ن اڳواڻ سينيٽر نهال هاشمي سينيٽ چيئرمين رضا رباني سان ملاقات ڪري سندس استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. مسلم ليگ ن سينيٽر نهال هاشمي سينيٽ چيئرمين رضا رباني سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نهال هاشمي چيو ته سندس استعيفيٰ منظور نه ڪئي وڃي. سينيٽ چيئرمين رضا رباني قانون واري وزير ۽ ن ليگ جي سينيٽرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ نهال هاشمي جي استعيفيٰ جي واپسيءَ تي صلاح مشورا ڪيا ويا. صلاح مشوري کانپوءِ نهال هاشمي سينيٽ جي سيٽ تان ڏنل استعيفيٰ واپس وٺي ڇڏي. رات جي پيٽ ۾ صورتحال يون ۾ تبديل ٿي وئي آهي نهال هاشمي جي قسمت جي ديوي جاڳي پئي آهي کيس بچائڻ لاءِ انتر منتر ڪرڻ شروع ڏنا اٿائين نهال هاشمي جي هاڻوڪي  بيان لڳي رهو آهي ته سندس پير مظبوط ٿي کپي ويا آهن وزيراعظم جي فيصلي جو اشارو ڏيڻ سياڻن جي لاءِ ڪافي آهي نهال جي وزير اعظم جي حڪم جي تعبيداري پاسداري ٻڌائي رهي آهي ته ساڻن ڪا ڪجھ ڳوھ ۾ ملاقات ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ سينيٽ تان استعيفي! نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هوندو هي معاملو انتهائي حساس ۽ پيداه نوعيت جو آهي جنهن کي معمولي نوعيت جو تصور ڪرڻ وارا احمقن جي دنيا رهاڪو هوندا ڇاجي ڪري جو ڪنهن کي ڌمڪي ڏيڻ به ڏوھ آهي نهال صاحب هاڻي پنهنجي بيان کي گول مٽول ڪري ٻيو رنگ ڏئي پنهنجا پلو آجا ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو سندس وس ۾ ناهي ڇوجو هاڻي عدالتي ميٽر بڻجي چڪو آهي جيڪڏهن  نهال هاشمي سينيٽ تان استعيفي! ڏنل منظور ٿي وڃي هان ته سندس سينيٽ وارو تحفظ ختم ٿي وڃي هان جنهن  ڪري هن اهو فيصلو صحي ۽ درست ڪيو هاڻي کيس سينيٽ جو بچاءُ آهي جنهن ڪري سياسي اسير سمجھيو يا تصور ڪيو ويندو ان ڪري هن  پهنجي بڄاءَ ۾ درست قدم کنيو آهي  اهو شريف خاندان تصوير جي ليڪ ٿيڻ جي بدلي ۾ پنهنجي طاقتور هجڻ جو خيال پيش ڪيو هوندو ته جيڪڏهن اسان جي خاندان سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڄي ته پوءِ اسين پنهنجي قومي ڪارڪن ڇاجي ڪري قربان ڪريون ان ڪري نهال  هاشمي صاحب قرباني کان اڳ بچي ويو هاڻي کيس صاف رستو  ملي سگي ٿو جتان بنان ٽڪراءُ جي هو پاس ٿي سگھي ٿو نهال هاشمي جي ظاهري ته رضا رباني سان ملاقات رنگ لاتو آهي پر رستو ته ٻنهي جو الڳ ٿلڳ آهي جنهن ڪري انهي ملاقات تي يقين ڪرڻ فيصلي جي  منظر عام تي اچڻ کان اڳ آهي ڇاڪاڻ ته رساما ءِ سرچاءُ پارتين ۾ ٿيندا رهندا آهن  سياسي طوفان اچانڪ اڀري ۽ ماٺارجي ويندا آهن وڏا ڪارڪن ننڍن ڪارڪنن کي تڏهن قربان ڪندا آهن جڏهن کين پاڻ کي خطرو هوندو آهي جڏهن نهال هاشمي شديد دٻاءُ جو شڪار هو اهڙي صورتحال ۾ ربا رباني سان ملاقات ۽ مثبت نتيجو نڪرڻ ڳالھ ۾ ڳڙ نظر اچي رهيو آهي .پرکڻي يقين ڪريون ٿا ته نواز ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني سان ملاقات ڪري کيس سندس استعيفا منظور نه ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ذريعن مطابق چيئرمين سينيٽ جي نواز ليگ جي سينيٽرن ۽ وزير قانون سان به ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ نهال هاشمي جي استعيفا جي واپسي جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو ويو. نواز ليگ جي اڳواڻ مشاهد الله خان سينيٽ ٻاهران ميڊيا کي ٻڌايو ته سڄي پارلياماني پارٽي نهال هاشمي جي استعيفيٰ قبول نه ڪرڻ جي درخواست کي سٺي نظر سان نه ڏسي رهي آهي، کيس پارٽي ڊسيپلين جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پر ان حوالي سان وزيراعظم نواز شريف جو جيڪو فيصلو هوندو سڄي پارٽي ان سان گڏ هوندي. هاڻي وڃي ڳالھ ظاهر ٿي آهي پارٽي فيصلو اهم آهي پر اهو فيصلو اڪيلا نوازشريف جو نه پر پوري پارٽي قيادت جو هوندو ان مان لڳي رهيو آهي نه نهال هاشمي سينيٽ تان استعيفي! جو فيصلو پارٽي جي چوڻ تي واپس ورتو آهي جيڪو سندس حق ۾ بهتر فيصلو آهي


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج