سماج جي بي حسيء ڪري ختم ٿيندڙ رشتن جي سڃاڻپ…..!

June 8, 2017 at 5:52 am

عاليه جوڻيجو لاڙڪاڻو

ڪو زمانو هو جو سنڌ جنهن کي صوفين، بزرگن جي سرزمين ۽ مهمان نوازي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، ڇو ته سنڌ جا رهواسي مهمان نواز ۽ سخي دلين جا مالڪ هئا، جيڪو به ڪو مهمان سندس اوطاق تي ايندو هو ته ساڻس ايتري ته محبت ڪندا هئا جو ساڻن پنهنجو اصل گھر به وسري ويندو ۽ ڀلي ڏينهن ته ڇا مهينا به اتي ترسيل هجي ته به ان کي ڪوبه ڪونه چوندو هو ۽ ڪجھ سال پهريان ماڻهو رشتن جا به ڀرم رکندا هئا ڀلي ڪيتري به نفرت ڇو نه هجي پر پنهنجي رشتن کي نه وساريندا هئا، پر افسوس اڄ جو هي سماج سينواري ڌپ ڪري ويو آهي جو رشتن مجھان سڃاڻپ به ڏينهون ڏينهن ختم ۽ ماڻهن مجھان ماڻپو ئي ختم ٿيندو پيو وڃي  انسانيت اڄ جي هن دور ۾ هڪ خواب ئي بڻجي وئي آهي جڏهن آءُ’ هڪ منٽ لاءِ فري ٿيس ته سموريون يادون منهنجي اڳيان اچي ائين بيهي رهيون جيئن آسمان ۾ بادل پاڻ ملن ته گجگوڙ ٿي وڃي ائين ئي ننڍپڻ جون يادون اچي منهنجي ذهن ۾ گجگوڙ ڪنديون رهيون سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪجي ڪهڙي ڳالهه ياد ڪري ڪهڙي ڪجي پر افسوس هڪ اهڙي دوست جي ياد اچي وئي جيڪو هميشه لاءِ مون اجنبي ٿي ويو، صرف هڪ منٽ ۾ سالن جي محبت هميشه لاءِ نفرت ۾ تبديل ٿي وئي، انسان به عجيب آهي جيئن وڻيس تيئن پيو ڪري ڪنهن جي ڳالهه ڪنهن جي ڪجي، هر ڪنهن جي دل ۾ اها حسرت هوندي آهي ته ڪو نه ڪو سٺو دوست ضرور ڪجي پر افسوس سان چوڻو اهو به پئي ٿو ته اڄ جي هن دور ۾ پنهنجائپ صرف نالي ماتر ئي رهي آهي ڇو ته اهي محبتون ئي ختم ٿي ويون جو انسان ٻئي انسان پنهنجو ڪري سگھي، نه پنهنجائپ رهي آهي نه ئي رشتن جي سڃاڻپ! ماڻهو ماڻهوء کي بگھيڙ جيان کائي رهيو آهي، سماج ۾ پنهنجائپ ئي ناهي رهي هن ننڍڙي سوچ انسان کي پنهنجي سٺن رشتن جي سڃاڻپ ختم ڪرائي ڇڏي ٿي ڇو ته انسان جي دل ۾ هڪ ته منهن ۾ ٻي هوندي آهي، اڄ جو دور ڪٿي وڃي ترقي يافته ٿي ويو آهي پر اڄ سنڌ جا رهواسي صرف ساڙ ۽ حسد جي ڪري پوئتي پيل آهن جيڪڏهن هڪ سٺو دوست هوندو ته ان کي غلط طريقي سان استعمال ڪندا آهن ته هن مون ۾ هي مطلب رکيو! مطلب ڇو نه رکجي پر مطلب جي به ڪا حد هوندي آهي، چوندا آهن ته جيڪي دوست پاڻ ۾ مطلب نه رکن ته اهي دوست ئي نه هوندا آهن ڇو ته هڪ سٺي دوست ۾ هر اميد رکي سگھجي ٿي پر هتي صرف مطلب نڪرڻ کانپوءِ اهي ناتا ٽٽي ويندا ڄڻ ته هڪ ٻئي کي ڏٺل ئي ناهن، اڄ جيڪو دور سائنسي ٿي ويو آهي ۽ دنيا نت نيون شيون ايجاد ڪري ترقي طرف وڌي رهيا آهن پر اسان صرف پنهنجي ننڍڙي سوچ ڪري پنهنجا اصل رشتا به وساري ڇڏيون ٿا ته پوءِ ترقي جون رانهون ڪٿي ملنديون! انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فرسوده رسمن کي ختم ڪري هڪ نئين سفر جي شروعات ڪري سگھون ۽ پنهنجن رشتن کي بچائي سگھون ڇو ته اهي ئي رشتا اسان جون منزلون آهن

************


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج