عورت ڪنهن در دانهن ڏي؟

June 8, 2017 at 5:53 am

غزالا سڪندر سميجو

عورت جو مقام ته اصل کان عبد تائين بلند رهڻو آهي،اها جنت ۾عورتن جي سردار بيبي فاطمه رضي الله تعاليٰ عنه،هندو عورت مڌر ٽريسا هجي،مسيح عورت هيلن ڪيلر هجي،اها يهودي عورت ارينا سينڊلر هجي،يا سياسي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي هميشه لاءِ امر ٿي ويندڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو هجي.عورتن هميشه هر ڏک ۽ سک ۾ مردن جو ساٿ ڏنو آهي،پر موٽ ۾ سندن ڏک، طعنا،زلتون، رسوايون،جبر ۽ اڻبرابري ئي ملي آهي.

تاريخ اندر عورت جو وجود ته آهي پر ان وجود کي جنسي متڀيد مٽائي ڇڏيو آهي. تاريخ جي فريم ورڪ ۾ عورت لاءِ ڪا به گنجائش نه رکي وئي آهي. جيتوڻيڪ عورت قدرت جو حسين شاهڪار آهي شاعرن اديبن ان جي حسن، وفا ۽ ادا تي لکيو آهي، شاهه لطيف پنهنجي ستن ئي سورمين جا ڏک درد ونڊيا آهن. سچل سامي، رومي جو لفظ لفظ عورت جي وجود جو گواهه آهي. تحريري تاريخ وجود ۾ اچڻ کان اڳ ئي معاشري تي مرد غالب ٿي چڪو هو ۽ اڻ برابري واري صورتحال ۾ قديم دور کان اول به عورت کي قرباني ۽ مفاد طور استعمال ڪيو ويو، تنهن ڪري عورت کي هميشه رحم و ڪرم جي نظر سان ڏٺو ويو. ڪڏهن سندس عصمت پائمال ڪئي وئي، ڪڏهن ساڻس نفرت ڪئي وئي. برابري جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ عورت کي ڪڏهن به اهو احساس نه هوندو ته کائنس دنيا ايترا امتحان وٺندي. قديم قبيلن ۾ عورتن کي دوستي يا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ونيون به مٽاسٽا ڪندا هئا جيئن لاڳاپا بهتر ٿي سگهن. ان سڄي عمل ۾ عورت جي مرضي جي ڪا به گنجائش نه هئي، جيئن قبائلي مرد چاهيندا هئا ايئن ٿيندو هو. مڙس يا سردار جو حڪم مڃڻ عورت تي فرض هو. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ته قديم دور کان عورت کي دل وندرائڻ جو ذريعو سمجهي کيڏيو ويو، ڪڏهن جنگ بندي لاٰءِ ڪڏهن تخت بچائڻ لاءِ ڪڏهن انا جي تسڪين لاءِ ۽ عورت تي لازم هيو ته هو سڀ چپ چاپ سهندي رهي. عورت قرباني ڏيندي رهي ۽ اڃا تائين جديد دور ۾ به ڏيندي رهي ٿي پر ان جي قرباني گمنام ٿيو وڃي ۽ تاريخ جي ڪنهن به ورق تي عيان نه آهي. تاريخ هميشه عورت جي قرباني تي خاموش رهي آهي. عورت جي قرباني جنگ کي روڪيو. معاشري ۾ امن امان جو ذريعو، تلخ لاڳاپن کي دور ڪيو عورت ۽ ان جون قربانيون تاريخ جي ورقن کان هميشه خالي رهيون آهن.

سنڌ جو ڪو اهڙو هنڌ بچيل نه هوندو جتي عورتن تي تشدد يا انصافي  ٿيندي هجي، ڪيترين ئي عورتن کي ته بي رحم ماڻهن تيزاب اڇلايو جن جا ڪيترائي ڪيس سنڌ ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن پر افسوس جو عورتن جي چهرن تي تيزاب اڇلائيندڙن کي ڪا سزا ناهي ملي سگهي. جيڪڏهن اهڙن بي رحم ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ٿئي ها ته  ماروي جي ديس ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي ڪنهن  ماڻهو کي اها همت ٿئي ها ته اهو ڪنهن عورت جي  چهري تي تيزاب اڇلائي ها.  ماروي جي ديس ۾ ته ڪيتريون اهڙيون ناريون آهن ، جن  جون اغوا بعد مذهب  مٽرائي شاديون ڪرايون ويون آهن ۽ عدالتن به انهن  خلاف ڪو به قدم ناهي کنيو. رينڪل ڪماري کان ويندي هزارين ناريون سنڌ ۾ اغوا ٿي چڪيون  آهن، جن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. جن جا وارث هن وقت تائين سراپا احتجاج آهن. ڪيترائي اهڙا ڳوٺ به آهن جن ۾ بااثر وڏيرن نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ اسڪول بند ڪري پنهنجيون اوطاقون بڻائي ڇڏيو ن آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳل آهي. عورتن جي حقن  لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون يا گهٽ آهن يا وري جيڪي آهن اهي ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي  به ڪوششون نه ڪري رهيون آهن. هڪڙي ڏينهن جي اخبار جي ٽاپ اسٽوري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اهڙيون خبرون ملنديون، جيڪي صرف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي بيگناهه اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪرڻ جون خبرون هونديون، اهڙن چند خبرن تي نظر وجهجي ٿي.مٺي ۾ ڳورهاري عورت جي لڄ لُٽي بيهوشي واري حالت ۾ جوابدار سندس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. مائي سوڍي ميگهواڙ کي جوابدار لڇمڻ ساٿين سميت گهر ۾ گهڙي يرغمال بڻائي مَن ۾ ويٺل شيطان کي راضي ڪرڻ بعد ڦٽو ڪري ويا. خبرن تي نظر وجهڻ کانپوءِ توهان پاڻ بخوبي اندازو لڳائي ويا هوندو ته عورتن سان ڪيڏو ظلم ڪيو پيو وڃي؟ جنهن تي اسين سوچي به نٿا سگهون.اسين هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي عورتن کي ٿوري به آزادي جو حق حاصل نه آهي، اهي سدائين عذاب ۽ عتاب سهندي زندگي گذارين ٿيون.شادي کان اڳ عورت پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ۾ انهن دڙڪن، داٻن، تشدد ۽ ڏاڍ هيٺ رهي ٿي، جڏهن ته شادي بعد پنهنجي مڙس جي گهر پهچڻ بعد به ساڳيو سلسلو مڙس طرفان برقرار رهي ٿو، اهڙي معاشري ۾ آخر ”عورت ڪنهن در دانهن ڏي؟“ عورت هڪ گونگي جي مثل آهي، جيڪا زبان مان آواز/ ٻاڦ ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي. ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابري جيترو حق حاصل آهي. عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نگاهه سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها. ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هڪ عورت ئي آهي، جيڪا ممتا جي روپ ۾ ظاهر ٿي هڪ مرد کي پالي ٿي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها.ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هڪ عورت ئي آهي، جيڪا ممتا جي روپ ۾ ظاهر ٿي هڪ مرد کي پالي ٿي، راتين جا اوجاڳا ڪاٽي ان ٻار جي سار سنڀال لهي ٿي ۽ اعليٰ منزل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ زندگي جي آخري وقت تائين دعاڳو رهي ٿي ته منهنجي مٺڙي اولاد کي ”شل ڪُوسو واءُ نه لڳي“.عورت کي ڀيڻ جي روپ ۾ ڏٺو وڃي ته اها پنهنجي ڀائرن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيل رهي ٿي، پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائي به پنهنجي ڀائرن جي لاءِ سک ۽ شانتي گهري ٿي.عورت کي جيڪڏهن گهرواري جي روپ ۾ ڏسجي ته زال، مڙس جي همسفر ساٿي ٿي زندگي جي هر ڏکي گهڙي ۾ گڏجي ڪلهو ڪلهي سان ملائي هڪ مرد وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي.

اسين عورت جي شعوري حالت کي طاقتور ٺاهڻ لاءِ تيار رهندا آهيون، اسانجي وراثت ۽ ڪلچر سان منسلڪ ٿيندا آهيون، اسانجي خوبين خامين جي جاچ ڪندا آهيون ۽ ياد ڪندا آهيون ته عورت ڪيئن پراڻي دور ۾ پنهنجي حقن کان محروم هئي، پير جي جُتي، بيوقوف۽ بيوفا چيو ويندو هو، عورت کي آزادي جي رستي ۾ پابندي سمجهيو ويندو هو. دروپدي جي روپ ۾ هن پنجن پانڊون جي غلامي ڪئي ۽ کيس جوئا ۾ هارايو ويو. هن مهل اسانکي گورو نانڪ پاران عورت جي آڌر ۽ تقاضا جي بحالي لاءِ ڪيل انقلابي اعلان ياد اچي ٿو.

اڄ جي هن جديد دوُر ۾ به عورتن سان اڻ برابري جو رويو رکيو وڃي ٿو.اهو سلوڪ گهر کان ئي شروع ٿيندو آهي،اسان جون مائرون يا ڀينريون گهر جي هر ڳالهه ۾ مرد کي وڌيڪ اهميت ڏينديون آهن، پر حقيتيت اها آهي ته عورت ۽ مرد ٻئي برابر آهن انهن جون سماجي ذميواريون الڳ ضرور آهن پر حق جي ڳالهه ڪجي ته برابر جا حقدار آهن ڇو ته ٻئي انسان آهن ۽ الله پاڪ سڀني انسانن کي برابر جو درجو عطا ڪيو آهي، پر هتي شايد عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي ڇو ته انجي زندگي جي هر فيصلي کي مرد طئي ڪري ٿو،اپر ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس ۾ اڃا ڪجهه فيصلن ۾ يا مرحلن ۾ عورت کي شامل ڪيو وڃي ٿو پر اسانجي ٻهراڙي طبقي جي 98 فيصد عورتن جا حق ماريا وڃن ٿا.

يو ايس ايڊ ۽ عورت فائونڊيشن  جهڙين تنظيمن جي سهڪار سان عورتن جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيو ته وڃي پيو پر انهن تنظيمن کي به هتان جو مرد معاشرو تسليم ڪرڻ کان انڪاري ٿئي پيو. ايتري حد تائين جو انهن جي سرگرمين کي ناڪام ڪرڻ لا۽ مختلف وقتن ۾ سازشون به سٽيون ويون. چيو وڃي ٿو ته هڪ مرد پڙهيو ته هڪ فرد پڙهيو پر جي هڪ عورت پڙهي ته سڄو گهر پڙهيو. ڏينهون ڏينهن ڪارو ڪاري جهڙن مسئلن جو وڌڻ ڪيترن ئي نياڻين کان تعليمي زيور کسي وٺي ٿو ۽ پاڪستان ۾ جڏهن عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اڪثر ان تي اسان جو معاشرو ڪن لاٽاري وارو رويو اختيار ڪري ٿو. شاهه جي سورمين ۽ هن ظالم سماج جي اٻوجهه عورتن سان آخر انصاف ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. اها اميد به ڪري سگهجي ٿي يا نه. نيٺ ته هڪ صبح ضرور ايندو جو پاڪستان جي ماڻهن ۾ روشن خيالي جاڳندي ۽ اهي عورتن کي حق ڏيندا.

اسان جي عورتن جي عملي زندگيءِ ۾ ڪا بهتري آئي آهي يا نه…….؟؟؟؟ان جو جواب اڃا مونکي ڪو نه ملي سگھيو آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج