پاڪ فوج دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي..!

June 11, 2017 at 10:27 pm

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارتي فوج ڪنهن به قسم جي اڳرائي ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب لائن آف ڪنٽرول جي دوري دوران آرمي يف جنرل قمر جاويد باجوه کي لائن آف ڪنٽرول ڀارتي فوج جي اڳرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي جوانن ۽ آفيسرن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ فوج هر محاذ تي پيش ايندڙ خطرن کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج وطن کي پيش دفاعي ۽ سلامتي جي چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميرين جي خوداردايت جي حق جي حمايت جاري رکي ويندي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته هو ڀارتي اڳرائي خلاف ڪشميرين جي جرئت کي سلام پيش ڪن ٿا. هن چيو ته فوج سڪيورٽي چئلينجن کان مڪمل طور آگاهه آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪنهن به قسم جي مهم جوئي ۽ اڳرائي جو جواب ڏنو ويندو، پاڪ فوج دنيا جي مڃيل طاقت آهي، جنهن هر محاذ تي ڪاميابي ماڻي پاڻ مڃايو آهي، ٻئي طرف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت طرفان سيز فائر جون ڀڃڪڙيون جاري آهن ۽ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ پيرسن شهيد ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ايل او سي جي چري ڪوٽ سيڪٽر تي ڀارتي فوج جي فائرنگ  ۾ 70 ورهين جو محمد شبير شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پاڪ فوج پڻ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ جوابي فائرنگ ۾ ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون آهن


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج