ڪامل ولي بزرگ حضرت سچل سرمست رح

June 11, 2017 at 10:28 pm

عامر جوڻيجو

هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي ولي ڪامل بزرگن جون درگاهون آهن جتي هر سال ميلا (عرس) پڻ ٿيندا آهن جن ۾ حضرت لعل قلندر شهباز، روضي ڌڻي رح، صوفي فولاد فقير، صوفي شاهه عنايت، آدم سلطان، حاجن شاهه ماڙي وارو، ٻڍل فقير، حضرت مخدوم محمد اسمائيل رح ۽ ٻين ڪيترن صوفي بزرگن جو درگاهون آهن جن پنهنجو پاڻ کي انسانيت ۾ وقف ڪري مرڻ گھڙيء تائين عبادت ۾ مصروف رهيا تنهنڪري هن وقت هي بزرگ هميشه لاءِ امر ٿي ويا، ۽ هن وقت به لکين، هزارين مريد توڙي عقيدتمند روزانه مزارن تي پهچي من جون مرادون ساڻن آڏو رکن ٿا ۽ دلي سڪون پڻ حاصل ڪن ٿا، ۽ انهن بزرگن ۽ الله جي وليئن ۾ حضرت سچل سرمست به شامل آهي حضرت سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو. ننڍپڻ کان کين سچيڏنو سڏيندا هئا. سچل رحه سن 1739ع ۾ خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ درازا ۾ ڄائو ۽ سندس مزار به ڳوٺ درازا ۾ ئي آهي،

سچل جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه ڀٽائي کانپوءِ خاص اهميت رکي ٿو. شاهه سائينءَ سچل لاءِ اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته ”جيڪو ڪُنو اسان چاڙهيو آهي، تنهن جو ڍڪ هي نينگر لاهيندو“ بيشڪ اها اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي، جيڪي ڪجهه ڀٽ ڌڻيءَ مام ۾ روحاني راز چيا،

هن هفت زبان شاعر جي شهرت عالم آشڪار آهي. سندس ڪلام ۾ موضوعن جي وسعت سان گڏ شاعريءَ جا ڪيترائي پهلوء آهن پر غم ۽ گداز جو رنگ وٽس سرس آهي. ٻين عالمن ۽ عارفن وانگر پاڻ ظاهري علم کي ناقص سڏيو اٿن،

هو ظاهر ظهور ”پاڻ سڃاڻڻ“ يعني ”پرڀو سڃاڻڻ“ تي عمل ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري. سچل جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن ۽ نيم تاريخي داستانن سان گڏ عالمي ڀائيچاري جا سبق آهن. سندس شاعري الهامي ۽ روحاني رازن سان ٽمٽار هئڻ سان گڏ هڪ آفاقي پيغام آهي، جنهن مان تصوف جي پرچار جي پروڙ پوي ٿي ته گڏ ”انا الحق“ جي اعلانن کيس صاحبِ شريعت جي عتابن هيٺ آندو. سندس بي باڪ اظهار کيس هڪ مختلف ۽ منفرد فرد ۽ اعليٰ پايي جو شاعر بڻايو. شاعراڻي خوبين جي لحاظ کان سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ نت نوان تجربا ڪري نيون شيون ايجاد ڪيون. سندس ڪلام ۾ بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل، مداحون، مناجاتون ۽ مرثيا ملن ٿا. ان کانسواءِ ”جهولڻي“ جي صنف به سندس ايجاد ڪيل آهي. قطعا، رباعيون، ڪبت ۽ ٻيون شاعريءَ جون صنفون به زير استعمال آندائون.

ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري,

وحدت جنين وساري، تِن تَن مٽي اڻاسي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي زندگين ۾ ستر ورھن جو فاصلو آھي۔ سچل ستر سالن کانپوءِ جڏھن صوفياڻي شاعري ۾ آيو ته ان جي وجدانیت به منفرد ھئي. ھنن سان گڏ صوفي ازم جي موسيقي به سرمستي جو سفر ڪيو ۽ شاھ ڀٽائي جي ڀيٽ ۾ نرم لھجي واري فقيرن سان سچل جي فقيرن جو اندازِ يبان منفرد ۽ بيباڪ ھيو۔

سچل سرمست عشق کي انساني زندگي لاءِ تمام اهم ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي جيڪو کيس ذات حقيقي تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي. فرمائي ٿو:

عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،

ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،

بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،

نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.

عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتري قدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ به وجهڻ لاءِ تيار آهي.

هن صوفي بزرگ کي ”منصور ثاني“ به چيو ويندو آهي، جنهن وحدت الوجود ۽ خودشناسيءَ جي نظريي جي خاص اپٽار ڪئي. سنڌ جي هن عظيم شاعر 90 سالن جي عمر ۾ 14 رمضان شريف 1242هه/1829ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه درازن تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون آهن. سچل سرمست جي شاعري ۽ سوانح تي مقالا پڙهيا ويندا آهن ۽ سموري ملڪ مان لکين پانڌيئڙا پڻ ايندا آهن سندس وفات وقت سندس ڪل بيت 936400 کان وڌيڪ هئا. سچل سرمست جو ڪلام سنڌي43، اردو، عربي، فارسي ۽ سرائيڪي ۾ موجود آھي. ھنن کي ھنن جو ڪلام ٻڌائڻ وارن فقيرن کي سنڌ ۾ ھڪ منفرد مقام ان لاءِ به حاصل آھي تہ ڪنھن به محفل ۾ جڏھن به مذھبي انتھا پسندي کي للڪاريو ويندو آھي ته اڄ به سھارو سچل جو ورتو وڃي ٿو ۽ اڄ اسين ان صوفي بزرگ حضرت سچل سرمت رح کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ڇو ته ان ڪامل ولي بزرگ هميشه پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو، ۽ سنڌ سرڪار کي گھرجي ته هن صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظاميه مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن مريدن توڙي عقيدتمندن کي ڪا تڪليف نه ٿئي

پچو نه منهنجي ذات جوئي آهيان سو ئي آهيان

اچڻ ٿيو اسان جو اتائين جاٿي ڏينهن نه رات

ظاهر آهي زبانون منهنجي الاقرب سندءِ ڪلمات

سچوسر سهي ڪر پنهنجو عشق منهجون عشقات


2 thoughts on “ڪامل ولي بزرگ حضرت سچل سرمست رح”

  1. Nasrullah Jarwar says:

    پڇو نـ منهنجي ذات جو ئي آهيان سو ئي آهيان حصرت سچل سائين تي عامر جوڻيجي صاحب جي تمام شاندار ۽ ڄاڻ سان ڀرپور تحرير آهي. سچل سائين سنڌ جو هڪ اهم نانءُ آهي جنهن جي شاعري ۾ عشق، سچائي، سونهن، محبت ۽ انسانيت جا عالمگير رنگ نمايان آهن ، عامر جوڻيجو جس لهڻي ،،، نصرالله جروار سينئر جرنلسٽ ٽنڊو باگو

    1. Aamir Junejo says:

      وڏي مهرباني سائين
      الله پاڪ اوهان کي هميشه خوش ۽ آباد رکي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج