12 جون معصوم ٻارڙن کان پورهيو ڪرائڻ جو عالمي ڏينهن ۽ ساڻن ٿيندڙ ظلم….!!!

June 11, 2017 at 10:29 pm

عاليه جوڻيجو/  لاڙڪاڻو

هونئن ته سڄي سنڌ اندر معصوم ٻارڙن سان انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعا پيش اچن ۽ روزانه ميڊيا تي به پڻ رپورٽ ٿين ٿا، ۽ ظالم وحشي درندا معصوم ٻارڙن جي جيڪا ظلم ۽ زيادتيون ڪن ٿا به ڪنهن کان لڪيل نه آهن اسان جي هيء سنڌ ڌرتي جتي ڪيترن ئي الله جي وليئن جو مزارون ۽ مقبرا آهن جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز، حضرت سچل سرمست، صوفي شاهه عنايت، حضرت روضي ڌڻي رح، مخدوم محمد اسمائيل رح، صوفي صدرالدين شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي الله جا وليء آهن جن هميشه پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي ۽ جن پنهنجي شاعريء ۾ معصوم ٻارڙن کي پڻ اچاريو آهي، پر هاڻ الائي جي ڇو معصوم ٻارڙن سان ظلم ۽ زيادتيون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، ايتري قدر جو هنن کي زنده لاش به بڻايو وينديو انهن معصوم گلابن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ جو هنن کي ايتري وڏي سزا ڏني ويندي آهي اڃان ته انهن کي پنهنجو پاڻ جي باري ۾ ڪابه خبر نه هوندي آهي ته اسان ڪير آهيون؟ پر پوءِ به انهن معصوم گلابن کي ٽڙڻ کان اڳ ئي اجھايو ويندو آهي ، اڄ 12 جون معصوم ٻارڙن کان پورهيو ڪرائڻ جو عالمي ڏينهن آهي! هونئن ته ٻين ملڪن ۾ معصوم ٻارڙن لاءِ الڳ فنڊ رکيا ويندا آهن جيسيتائين اهو تعليم حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهندو تيسيتائين ان ملڪ جي حڪومت انهن کي هر خرچ ڏيندي آهي ۽ انهن کان ڪوبه ڪم نه ورتو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ورتو به ويندو آهي ته انهن جي والدين کي سزا ڏني ويندي آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ بيروزگار، بدحالي عروج تي آهي اڄ سنڌ جنهن دور مان گذري رهي آهي اها ڪنهن کان به ڳجھي نه آهي هر هنڌ صرف قبائلي تڪرار، دهشتگرديء جي باهه ٻري رهي آهي خير اهو به پنهنجي جاءِ تي پر اسان ڳالهه ڪئي سين معصوم ٻارڙن جي! جتي معصوم ٻارڙن سان ظلم ۽ زيادتيون ته ٿي رهيون آهن پر انهن معصوم ٻارڙن سان پنهنجا والدين به گھٽ ڪونه پيا ڪن اڄ جن گلن جهڙن معصوم ٻارڙن کي هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم هجڻ گهرجي اهي جي هٿن صرف خوابن جون لڪيرون ئي آهن ڇا اهو انهن معصوم ٻارڙن جو مقدر آ! اڄ به سنڌ جا لکين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن جيڪي پورهيو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا ۽ پنهنجو گھر جو برجلو بڻجن ٿا.

پر انهن معصوم ٻارڙن جي سهولت لاءِ حڪومت پاران ڪي به جوڳا بندوبست نه ڪيا ويا آهن ته جيئن معصوم ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگھن، ۽ سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ به اهڙا يتيم ٻارڙا آهن جيڪي پيء جي نه هوندي به پنهنجي گھر جو چرخو هلائڻ تي مجبور آهن ۽ کانئن تعليم به وسري وئي آهي ۽ سندن خواهشون به ختم ٿي ويون آهن ۽ معصوم ٻارڙن کي اٽي جي چڪيء وانگر پيسيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ ڏسندي اکين مجھان لڙڪ به لڙي ايندا آهن ڇو ته هر ڪنهن معصوم ٻارڙي خواب هوندا آهن ته هوُ وڏو ٿي هڪ سٺو آفيسر، انجيئر، ڊاڪٽر يا ٻي ڪنهن وڏي پوسٽ تي ايندو پر انهن معصوم ٻارڙن جا اهي خواب انهن وقت چڪنا چور ٿي وڃن ٿا جڏهن هي معاشرو انهن معصوم ٻارڙن سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري ٿو! ۽ سماج جي بي حسيء ڪري معصوم ٻارڙا شهر جي روڊ ڪنارن تي پيل مانيء سڪل ٽڪر کائي پنهنجي پيٽ جي باهه اجھائين ٿا، پر افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته انهن معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين جو هن مهل تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو جنهنڪري معصوم ٻارڙن سان ظلم ۽ زيادتيون وڌي رهيون آهن، ۽ انهن وحشين کي ڪوبه چوڻ وارو ناهين!؟ انڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گھرجي ته معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ انهن لاءِ ڪي جوڳا بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن هوُ پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگھن ۽ پنهنجي تعليم پڻ حاصل ڪري سگهن،

*****************


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج