what is marit and sors

July 27, 2017 at 7:49 am

رخسار (شهيد) سنديلو

ايمان عقيدو ۽ ججمينٽي، هر ٽيسٽ ڏيندڙ ميمبر جو انهن مٿين ٽن ڳالهين تي يقين هوندو آهي، ٽيسٽ وارا اهي ميمبر جيڪي بنا سفارش بنا پئسي ۽ بنا ڪنهن ٻي طاقت جي پنهنجي پڙهائيءَ تي تمام گهڻو زور ڏيندا آهن ته اسان پنهنجي محنت سان هي سيٽ حاصل ڪنداسين.

ميرٽ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي شهر ۾ ڪمرا بند ڪري پڙهندا آهن ۽ ڪي ڳوٺن ۾ گهرن کان ٻاهر نڪري زيتونن جي باغ ۾، ڪي رئيس ڪئنال تي ۽ ڪي دادو ڪئنال تي وڻن هيٺان پڙهڻ لاءِ نڪري ويندا آهن، ڳوٺن واريون عورتون ويچاريون پنهنجي گهر ۾ جيڪي شادي شده ۽ ٻارن واريون  هونديون آهن انهن غريبن کي ته ڏينهن ۾ وقت ڏکيو ملندو آهي، پوءِ هوءَ ويچاريون رات جو پڙهڻ تي زور ڏينديون آهن ۽ شهر واريون  ڇوڪريون ٽيوشن وٺڻ ۽ گهر ۾ بغير ڪم ڪرڻ جي پڙهي ٿيون اچن ۽ جڏهن اهي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيڪي ڳوٺن کان 300، 400 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري اچي ٽيسٽ ڏين ٿا ۽ اهي نمبر ون ۽ نمبر ٽو اچن ٿا ته خوشيءَ ۾ انهن جا ٿڪ لهي وڃن ٿا، پوءِ هو هر هڪ مٽ مائٽ ۽ دوستن کي ٻڌائن ٿا اسان پاس ٿيا آهيون، جڏهن وري انٽرويو جي تاريخ اچي ٿي ته هي رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهن ٿا ۽ ايترو ته هي ويچارا پڙهن ٿا جو هنن کان کائڻ پيئڻ ئي وسري وڃي ٿو صرف  چانهن تي مارا ماري ته جيئن دماغ فريش رهي ۽ پڙهائي سٺي ٿي سگهي، جڏهن سڀاڻي انٽرويو آهي ته هي يونيورسٽي نڪرڻ لاءِ روانا ٿين ٿا پوءِ به هي ويچارا ڪوچ يا ٽيڪسي ۾ ڊگهو سفر ڪرڻ دوران به پڙهندا وڃن ٿا جڏهن صبح ٿيو ۽ هي سويل اٿيا وضو ڪري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ دعا گهريائون ته يا رب العالمين منهنجو اڄ انٽرويو آهي ۽ آئون گنهگار ، اعبگار توکان دعا ٿو گهران/ دعا ٿي گهران  ته منهنجي دماغ جا حوصلا بلند ڪجا (۽ مونکي پنجتن پاڪ، شهداءِ ڪربلا ۽ انهن جي صدقي جن جي ڪري هي دنيا ٺاهي اٿئي) ڪامياب ڪجان، آئون گنهگار توکان دعا ٿو گهران/ دعا ٿي گهران ته هن انٽرويو ۾ پاس ٿي وڃان ۽ هي دعا گهري جڏهن گهر کان نڪرن ٿا ۽ رستي ۾ به دعائون گهرندا اچن ٿا ته مالڪ انهن سڀني کي ايمان ڏيجان ته ميرٽ ڪن، پر افسوس جو هتي رشوت، سورس ۽ ياري ملهائڻ جا اڳي ئي ڍير لڳا پيا آهن، هنن ويچارن کي اميد آهي ته اسان پاس ٿينداسين ۽ هنن ئي تمام سٺا جواب ڏنا جيڪي سمجهن پيا ته اسين ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿي وينداسين، جڏهن سينڊيڪيٽ ويٺي ته نالا ئي ٻين جا کنا ويا  جيڪي پئسي وارا ۽ سروس وارا هيا،  ميرٽ وارا ويچارا ميرٽ جو جنازو نڪرڻ تي هنجون هارڻ لڳا ۽ چوڻ ٿا اسان ته ڏينهن ڏٺي جو ڦورو، چور ۽ ڌاڙيل ڏٺا جن علم وارن کي ڌاڙا هنيا، جهنگ جي ڌاڙيلن کي غريبن ۽ پورهيتن جو احساس هوندو آهي ۽ هي انهن تي رحم به ڪندا آهن پر هي علم جو خون ڪرڻ وارا  ۽ علم وارن جو خون ڪرڻ وارا هي ته جهنگ جي ڌاڙيلن کان به وڏا خوني ڌاڙيل نڪتا.

 


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج