نواز شريف کان استعيفيٰ ڏيڻ واري مطالبي جو ٺهراءُ منظور..!

July 27, 2017 at 7:49 am

سنڌ اسيمبلي وزيراعظم نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته هو فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، اهڙو مطالبو اڱاري ڏينهن هڪ ٺهراءَ جي صورت ۾ ڪيو ويو جيڪو پي ٽي آءِ جي خرم شيرزمان ۽ پ پ جي عورت ميمبر خيرالنساءَ مغل پيش ڪيو. ٺهراءَ يڪراءِ سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ جي منظوري وقت (ن) ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جا ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ايوان ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته وزيراعظم ان عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي هن پنهنجي ملڪيت جي باري ۾ غلط بياني ڪئي، سپريم ڪورٽ ۽ جي آءِ ٽي ۾ ڪوڙا دستاويز پيش ڪيا ۽ ٽيڪس چوري پڻ ڪئي ان سان پاڪستان جي عوام جو اعتماد وڃايو ان ڪري هي ايوان يڪراءِ سان وزيراعظم نواز شريف کان فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ صبح جو مقرر ڪيل وقت 10 وڳي کان پوڻا ٻه ڪلاڪ دير سان پوڻين 12 وڳي شروع ٿيو ان وقت سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جو مجموعي تعداد 30 کان به گهٽ هو پر ڪنهن به ميمبر ڪورم جي نشاندهي نه ڪئي جنهن سبب ايوان جي ڪارروائي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي. ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان ۽ پ پ جي عورت ميمبر خير النساءَ مغل وزيراعظم نواز شريف کان استعيفيٰ ڏيڻ جو ٺهراءَ پيش ڪيو جنهن تي ڳالهائيندي خرم شيرزمان چيو ته پانامه ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ وزيراعظم خلاف ثبوت پڻ پيش ڪيا ويا آهن هاڻي هن کي ان عهدي تي رهڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ڪونهي. هن وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي خلاف (ن) ليگ جي درٻارين جي زبان درازي مذمت جوڳي آهي، هاڻي نواز شريف سعودي عرب يا قطر نه پر جيل ويندو. هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پانامه ڪيس ۽ شريف خاندان جي لٽ مار تي هڪ سبق تعليمي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ نسل کي خبر پوي ته شريف خاندان اقتدار ۾ اچي ڪيئن قوم جي ڦرلٽ ڪئي، خوشي آهي ته قوم ڪرپشن خلاف متحد آهي. سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو خرم شيرزمان جي رٿ جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ضد ۽ دوکيبازي جو ڍونگ رچايو آهي، پ پ (ن) ليگ کي سياسي شهيد ٿيڻ نه ڏيندي،

ملڪ ۾ هڪ وزيراعظم جي وڃڻ ۽ ٻئي جي اچڻ سان ڪو به فرق نه پوندو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جمهوريت هلندي رهي ۽ حڪومت پنهنجي مدت پوري ڪري، نواز شريف وزارت اعظميٰ جي منصب تي رهڻ جو جواز وڃائي چڪو آهي جنهن کي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. نثار کهڙو چيو ته سپريم ڪورٽ ماضي ۾ چار دفعا مارشلا کي تحفظ ڏنو ۽ هڪ دفعو معافي ورتي جيڪا ناڪافي آهي. هن چيو ته پانامه ڪيس جو فيصلو اهڙو نه هجڻ گهرجي جنهن سان فريادي ۽ ملزم ۽ گواه سڀ خوش ٿين. هن چيو ته عمران خان سان هڪ ڳالهه تي سخت اختلاف رکون ٿا ته هو پنهنجن ڌرڻن ۾ ريفري جي آڱر کڄڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، عمران خان پنهنجو ڪنٽينر ڇڏي آيو پر ريفري ڪونه پهتو. پ پ جي عورت ميمبر خير النساءَ مغل به ساڳئي قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو. خير النساءَ مغل ڳالهائندي چيو ته پانامه اسڪينڊل ۾ ملوث دنيا جا ڪيترائي اڳواڻ پنهنجن عهدن تان استعيفائون ڏئي چڪا آهن، اسان پانامه ڪيس جي جي آءِ ٽي ميمبرن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن انتهائي جرئت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي پر شروعات وزيراعظم کان ٿئي. پ پ ميمبر شرميلا فاروقي چيو ته ميان نواز شريف معافي نامي تي صحيحون ڪري ملڪ مان ٻاهر هليو ويو هو، اڄ وري هو پڇي ٿو ته مون تي الزام ڪهڙو آهي، هو پانامه ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سوالن جا جواب به نه ڏئي سگهيو. پ پ ميمبر سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي جي ماڻهن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي سزائون ڏنيون ويون.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج