موسميات کاتي جون اڳڪٿيون ۽ اسانجو هيڻو حال

July 27, 2017 at 7:50 am

اعجاز ممنائي

دنيا برسات جي موسم کي انجواء ڪندي آھي پر اسان وٽ برسات ايندي ئي خوف ۽ حراس ڦھلجي ويندو آھي ته متان ڪا نئين مصيبت نازل ٿئي متان ڪا ڪنهن غريب جي جهڳي جهڻ ٿي پوي متان ڪنهن گليءَ ۾ گند ڪچري سبب گپ چِڪ پاڙي ۾ ڪو بيمارين ۾ وڪوڙجي نه وڃي انڪري هر ڪو برسات ايندي ئي الامان الامان پيو ڪندو بهرحال تازو موسميات کاتي پاران جاري ڪيل اڳڪٿي خود موسميات وارن کي به پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي ماهرين مطابق انڊيا ۾ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ قسم جو اسٽرانگ D پريشر بنجي چڪو آهي جيڪو 48 ڪلاڪن کانپوء انڊيا جي ويجهي علائقن ڏانهن تيزي سان وڌندو جنهن ۾ سنڌ جا ڏکڻ, اولائي ۽ مٿيان علائقا به شامل آهن, بين الاقوامي ماهرين مطابق هيءَ برسات 1100 ملي ميٽر تائين پهچي سگهي ٿي يا پوء ان کان وڌيڪ, هي سسٽم 22 جولاء تي سنڌ ۾ داخل ٿيندو ۽ تيز بارشن جو سبب بڻبو جيڪو هڪ هفتي کان وڌيڪ مينهن هلندو جنهن ۾ رپورٽ مطابق ڪراچي, بدين, ٺٽو ۽ ٿر جا علائقا به شامل هوندا,

مٿين سنڌ جي علائقن ۾ لاڙڪانو ضلعو, سکر ضلعو سخت متاثر ٿي سگهن ٿا جتي تيز طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي هي سسٽم پهرين آيل سسٽمن کان وڌيڪ تيز ۽ اسٽرانگ سسٽم آهي.
اسان اڳ ۾ به ،2010،2011 ۾ ٻوڏ متاثر رهي چڪا آهيون ۽ اسان جي حڪومت ناڪامي جو شڪار ٿي هئي ان جي ڪري اڳواٽ ڪونه ڪو حل ڪڍی واهن ۽ شاخن جا اپاء وٺڻ گھرجن .دريائن جي پاڻي جي چاڙهه جي حوالي سان به اڳواٽ تياري ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن مينهن رحمت بڻجي نه ڪي زحمت بڻجي هن وقت تائين اسان وٽ ته درياء جي صورتحال تي جيڪر غور ڪبو ته اها به ڳنڀير نظر ايندي ڇوته درياءَ جا ڪپ ڪمزور هجن ٿا انهن تي سڄو سال ڪم نه ٿو ٿئي ان کان به وڌيڪ ته دريائن جي ڪپن تان وڻڪار جو خاتمو آندو ويو آھي ائين ئي واهن ۽ شاخن جي کاٽي به نه ٿيڻ ڪري انهن ۾ به پاڻي روڪ جو ڪو سسٽم نه رهيو آھي انڪري به ماڻهو مينهن پوڻ کان پوءِ پريشان حال بڻجي وڃن ٿا اڳ جڏهن مٿين اتر وارن علائقن ۾ مينهن ماڻهن کي متاثر ڪيو هو ته حڪومت کين ڪراچيءَ ۾ منتقل ڪيو پر چند مهينن کان پوءِ مٿن لٺبازي ڪئي ويئي ته واپس پنهنجي ديس تي هليا وڃو جڏهن ته متاثرين بار بار کين چئي رهيا هئا ته اسان جو سڀ ڪجهه مينهن ۾ لڙهي ويو آھي انڪري اسان واپس تڏھن وينداسين .

جڏهن اسان کي گهر ٺاهي ڏيندئو ان جي باوجود حڪومت کين ڏنل جهوپڙيون به ڊاهي ڇڏيون ۽ اهي ويچارا دربدر واري زندگي گذارڻ تي اڃان به مجبور آھن ائين ئي وري خبرون اهي به اچي رهيون آھن ته گذريل هڪ هفتي کان ڪاڇي جي کير ٿر جي جابلو پٽيءَ ۾ سڀ کان وڏي نئين گاج ۾ ٻه ڀيرا پاڻي وهي اچڻ سان علائقي جي عوام ۽ ٽرانسپورٽ لاء مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آھن جڏهن ته ڊرگه بالا شهر سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جنهن ۾ ڳوٺ جعفر لنڊ، سڄڻ،راڄو ڳنڍو، گزياڻي، واهي برادي، حيات چانڊيو سونو جمالي ، بهاول ٻٻر،جيئندو  چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺن جو دادو ضلعي ۽ تعلقي جوهيءَ کان رابطو ئي ڪٽجي ويو آھي انهن ڳوٺن جي مريضن جي دوادرمل لاء اسپتالن ۾ پهچائڻ لاء ڪوبه متبادل رستو نه هئڻ سبب علائقي واسين ۾ مايوسي ڇانيل آھي ائين کاڌي پيتي جي شين جي رسائي به ناممڪن آھي اهو ساڳيو حال ڪراچي بدين ۽ ٺٽو جو به ڏٺو ويو آھي جتي سنڌ حڪومت رين ايمرجنسي ته قائم ڪئي پر پاڻي نيڪال جو ڪو جوڳو انتظام نه ڪيو جنهن ڪري ڪيترائي علائقا پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا ۽ حڪومت پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سکڻيون دعوائون ڪندي رهي سنڌ سرڪار ته برساتن جي امڪاني حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ يونين ڪائونسل سطح تائين ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪرڻ جا به رڳو اعلان ئي ڪيا پر انهن تي ڪو عملي ڪم نه ٿيو تازو سپريم ڪورٽ پاران سنڌ جي پاڻيءَ خراب هجڻ رپورٽون سامهون آيون جنهن سبب لکين ماڻهو پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته شهري توڙي ڳوٺاڻي آباديء ۾ برسات جو پاڻي گڏ ھجڻ ڪري مڇرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آھي جنهن ڪري مليريا ۽ چمڙيء جون ٻيون بيماريون وڌي رهيون آھن ان کان به وڌيڪ ظلم اهو آھي ته 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ دريائن ، شاخن توڙي واهن کي هٿرادو ڪٽ هڻي انهن جا بند ڪمزور ڪيا ويا هيترو عرصو گذرڻ باوجود انهن ڪپن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪابه حڪمت عملي نه ٺاهي ويئي اهو ئي سبب آھي جو هينئر به ڪنهن شاخ يا واهه کي ڪٿي گهارو لڳي ٿو ته علائقي واسي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت اهو گهارو بند ڪن ٿا پر حڪومت جو هيڏو سارو آبپاشي کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل هجي ٿو آفيسر ته ڇا پر ڪو بيلدار به پنهنجي زميواري محسوس نه ٿو ڪري ائين شهري توڙي ڳوٺاڻي آباديءَ ۾ حڪومت پاران ٺهرايل ڊرينيج سسٽم ناڪارا بڻيل آھن جنهنڪري پاڻي نيڪال جو ڪو جوڳو انتظام نه آھي ۽ ٿوري بارش پوڻ تي به ماڻهو پريشان بڻجي وڃن ٿا انڪري سرڪار کي رحمت رباني مان فائدو وٺڻ لاء عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ گھرجن پر جيڪڏهن ان رحمت کي زحمت بڻايو ويو ته عوام کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم ميان نواز شريف سانوڻي جي مينهن دوران ٻوڏ جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي هئي ته ان هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن پر ان جي باوجود ڪي عملي قدم نه کنيا ويا تازو جڏهن مان سنڌو درياءَ جي ڪپن تي مختلف جاين تان جائزو وٺڻ لاءِ نڪتس ته ڪٿي به ڪو آبپاشي عملدار ڏسڻ ۾ نه آيو جيڪو مقامي آباديءَ کي ڪو آگاهي ڏيندو هجي يا درياء جي ڪپن کي مضبوط ڪرڻ لاء ڪو ڪم ۾ رُڌل هجي مون سوچيو ته هن اڻوڻندڙ صورتحال ۾ آخر اسانجي غريب عوام جو ڇا ٿيندو ڇا ماضيءَ وانگر حڪمران پنهنجي عوام کي عذاب ۾ وجهي ٻاهرين ملڪن کان امداد وٺڻ جا اعلان ڪندا  ۽ عوام دربدريء جي زندگي گذارڻ تي مجبور رهندو

************


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج