نواز شريف جيڪو فصل پوکيو آهي، اهو اڃا پورو ناهي لڻيو: مولا بخش چانڊيو

September 12, 2017 at 8:45 am

حيدرآباد (رپورٽر): پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته مريم نواز جي مقدر ۾ بينظير ڀٽو بڻجڻ ناهي، ڇو ته ان کي بينظير ڀٽو بڻجڻ لاءِ وڏا پاپڙ بيلڻا پوندا، هن چيو ته مريم بي بي اوهان چونڊون وڙهو، بي بي جو مقابلو نه ڪريو، بينظير عوام جي محبوب قائد هئي، اوهان ان جو مقابلو نه ڪريو، ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي اڳواڻ جو چوڻ هيو ته بزدل حڪمران ادارن جي سهاري حڪومت ڪندا رهيا آهن، هڪ فيصلو خلاف آيو ته چون ٿا بينظير ڀٽو کي انصاف نه مليو، هن چيو ته آصف زرداري کي ميان صاحب جي بڻايل ڪوڙل ڪيسز ۾ جيل ڪاٽڻو پيو، اوهان جيڪو فصل پوکيو آهي اهو اڃا پورو ناهي لڻيو، مولا بخش چانڊيو چيو ته ميان صاحب کي سعودي عرب وڃي سمجهه آيو ته اهو ڀٽو نٿو بڻجي سگهي، پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان کي سنڌ فتح ڪرڻ جو وڏو شوق آهي، خان صاحب وزير بڻجي سگهو ٿا، قائد بڻجڻ اوهان جي مقدر ۾ ناهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج