اسلام آباد ۾ مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ زودار ٽڪر، 14 ڄڻا اجل جو شڪار

September 13, 2017 at 8:23 am

اسلام آباد( بيورو ) اسلام آباد ۾ مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ باهه لڳڻ سبب 14 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. جهنگ مان راولپنڊي ايندڙ وين چڪري انٽر چينج ويجهو مخالف پاسي کان ايندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ وين اندر باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. سي ايم ايڇ عملي 6 ماڻهن جي موقعي تي ئي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته 8 ماڻهن اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. فوتين ۾ ٻارڙا به شامل آهن، جڏهن ته ٻين زخمين جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. موٽروي پوليس جي ترجمان موجب حادثي وقت وين ڊرائيور کي ننڊ اچي وئي وئي جنهن ڪري واقعو ٿيو، جڏهن ته فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج