انشاءَ الله شير ايندو، آچر تي هر جڳهه شير نظر ايندو: مريم نواز

September 13, 2017 at 8:24 am

لاهور (م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ مريم نواز چيو آهي ته اين اي 120 جي تڪ جي هر گهٽيءَ ۾ جذبو نذر اچي ٿو،  ن ليگ جي اقليتي ونگ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هيو ته جان نثاري ۾ منهنجا مسيحي ڀينرون ۽ ڀائر ڪنهن کان گهٽ ناهن، هن چيو ته جنهن اڳواڻ جا پيروڪار آهيو اهو چوي ٿو ته ڪوئي اقليت ناهي، سڀ پاڪستاني آهن، هن چيو ته انشاءَ الله شير ايندو، آچر تي هر جڳهه شير نظر ايندو، اوهان کي ڪهڙو پاڪستان گهرجي؟، ڇا نواز شريف جو جدوجهد ۾ ساٿ ڏيندئو؟، ڪير آ جنهن سي پيڪ مڪمل ڪيو، ڇا اوهان کي 2013 جو ڀڳل ٽٽل پاڪستان ياد آهي؟، ڪير آ جنهن دهشتگردن تي ڪاري ضرب لڳائي، ڇا نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو منظور آهي؟، مريم نواز چيو ته منهنجا مسيحي ڀائرو ۽ ڀينرون اهو ٻڌايو اوهان کي ڪهڙو پاڪستان گهرجي، ڪير آهي، جنهن چونڊيل وزيراعظم خلاف سازش مٿان سازش ڪئي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج