ٿر واسين کي رڳو ننڍيون نوڪريون نه پر مئنيجر ۽ ليڊر شپ وارا عهدا به ڏنا ويندا:وڏو وزير

September 13, 2017 at 8:25 am

اسلام ڪوٽ (نمائندو) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪو خواب شهيد محترما بينظير ڀٽو ڏٺو هو، اهو ساڀيان ٿي رهيو آهي، رٿا ۾ رڪاوٽون وجهندڙن لاءِ دل مان بددعا نڪري رهي آهي. اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول رٿا جي 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته رٿا ۾ وڏيون رڪاوٽون وڌيون ويون پر الله پاڪ ڪامياب ٿيو، رڪاوٽون وجهندڙ ملڪ جا دشمن آهن. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته 1994ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو خواب ڏٺو هو ته ٿر جي ڪوئلي مان ملڪ روشن ٿي، اهو خواب هاڻي ساڀيان ماڻي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪو به سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ بعد آصف علي زرداري رٿا ۾ دلچسپي ورتي، سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن آهر رٿا تي ڪم ڪيو ۽ هاڻي سيڙپڪارن جون لائينون لڳل آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ماضي ۾ ٿر ڪول رٿا تي ڪم ڪيو وڃي ها ته اڄ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو نالو نشان نه هجي ٿا. هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي ترقي لاءِ مثالي منصوبو آهي، ان لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ ۾ بلاڪ ٽو جي رهواسين جو وڏو سهڪار رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته اڃا صرف رٿا تي اڌ ڪم مڪمل ڪيو آهي، اڃا هڪ سئو ميٽر کوٽائي ڪري ڪوئلي کي ڪڍي پاور پلانٽس ۾ پهچائي بجلي پيدا ڪرڻي آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ٿر ڪول رٿا جي 80 سيڪڙو متاثرن کي معاوضو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هن منصوبي سان سڀ کان وڌيڪ فائدو هتان جي رهواسين کي ٿيندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ اڄ کان هن رٿا جي متاثرن کي متاثر نه پر فائدو وٺڻ وارو سڏيو ويندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته بلاڪ 2 ۾ موجود سڀئي ماڻهو هن رٿا جا ڀائيوار آهن جڏهن ته 3سيڪڙو حصو هن علائقي ۾ رهندڙ توڙي علائقي تي ڀاڙيندڙن جو هوندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته علائقي جي مقامي ماڻهن کي سئو سيڪڙو روزگار ڏنو ويوندو، ٿر وايسن کي رڳو ننڍيون نوڪريون نه پر مئنيجر ۽ ليڊر شپ وارا عهدا به ڏنا ويندا. وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سيٽلائيٽ تي ٿر هاڻي جهڙو اڳ خوبصورت ڪڏهن به نه ڏٺو هو.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج