سنڌ سرڪار اسان جي اڳواڻن جي قتل کانپوءِ خالي سيٽون چاهي ٿي: فاروق ستار

September 13, 2017 at 8:27 am

اسلام آباد( بيورو ) ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ سرڪار  اسان جي اڳواڻن جي قتل کانپوءِ خالي سيٽون چاهي ٿي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سا ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جاگيردارن کي ملندڙ بي پناهه زمينن جي ورڇ وڏو مسئلو آهي، زمينن جي ورڇ لاءِ سڀ کان پهرين ايوب قدم کنيا، جڏهن ته ٻي ڪوشش ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي پر سندس پنهنجن ساٿين مزاحمت ڪئي. هن چيو ته سياسي وڏيرن ۽ جاگيردارن ذوالفقار علي ڀٽو جي قدمن کي ناڪام بڻايو. سندس چوڻ هو ته  پراڻن جاگيردارن نون جاگيدارن جي هڪ کيپ تيار ڪئي پر زميني سڌارن کانسواءِ موروثي سياست جو خاتمو ممڪن ناهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۽ پارليامينٽرينز جي زندگين کي خطرو آهي، صوبائي حڪومت اسان جي اڳواڻن جي قتل کانپوءِ خالي ٿيل سيٽون چاهي ٿي، جڏهن ته خواجه اظهار الحسن تي حملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جوابدارن کي انجام تائين پهچايو وڃي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج