اسان اڃا تائين نائلا رند ۽ نورين لغاري وارن واقعن مان سبق ناهيون سکي سگهيا: اياز لطيف پليجو

September 13, 2017 at 8:29 am

ڄامشورو(رپورٽر): قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل ۴ ڏينهن ۾ ۴ عورتون قتل ۽ اغوا ٿيون آهن، تانيا خاصخيلي، رخسانه چانڊيو، نصيبان، آرتي ۽ شمع سان انصاف ڪيو وڃي. حڪمران وڏيرن ٻهراڙين کي عورتن لاءِ قتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي. هن اهڙو اظهار ڄامشورو ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته ترقي جي عمل ۾ عورتن کي شامل ڪرڻ کانسواءِ نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن. پاڪستان ۾ وڏيري ۽ مرد جي حاڪميت ۽ عورت جي غلامي جاري آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ جي ۲ صدين جي ترقي ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي. عورتن جو هر ميدان ۾ مردن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج