سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگرد ڄاڻايل 5 ملزمن جون سزائون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون

September 13, 2017 at 7:31 am

ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگرد ڄاڻايل ۵ مبينه ملزمن جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيندي کين فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. رپورٽ مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ۵ مبينه دهشتگردن جي سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران پوليس موقف اختيار ڪيو ته پوليس ۲۰۱۴ع ۾ نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ مقابلي کانپوءِ انهن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو جن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ مليو هو جنهن تي عدالت جوابدار عبدالحق ۽ علي رضا کي ۱۴، ۱۴ سال، ڪاشف کي ۸ سال ۽ سليم ۽ ارشد کي ۷،۷ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ ممتاز علي ديشمک چيو ته ملزمن کي پهريان حراست ۾ ورتو ويو بعد ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ڪري هٿيار هٿ اچڻ ڏيکاريو ويو، جنهن تي عدالت ۵ ئي مبينه دهشتگردن جون سزائون ڪالعدم قرار ڏيندي کين فوري طور تي جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت انهن جوابدارن کي ۹ مئي ۲۰۱٦ع تي سزا ٻڌائي هئي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج