نواز شريف ۽ چوڌري نثار جي چوڻ تي مون خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا: ڊاڪٽر عاصم

September 13, 2017 at 8:32 am

 لنڊن(م ڊ): پئٽروليم واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ چوڌري نثار جي چوڻ تي سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته نواز شريف هتي گهمي رهيو آهي ڇوجو هن جا هتي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ملڪيت آهي. هن چيو ته سندس خلاف سازش ڪندڙ پنهنجي کوٽيل کاهي ۾ ڪري پيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته نه منهنجو ڪو بئنڪ اڪائونٽ آهي ۽ نه ئي مون کي ڪا ملڪيت ملي آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج