قومي اسيمبلي ۾ ڪورم پورو نه هجڻ تي اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر ناراض، اجلاس ملتوي

September 13, 2017 at 8:33 am

اسلام آباد(بيورو): قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق اڄ قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته پيپلزپارٽي جي ايم اين اي اعجاز جکراڻي ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪرڻ بعد ڪورم پورو نه ٿيو، جنهن تي اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن جي لاڳيتي غيرحاضري تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اچون ٿا ڇا اسان کي ڪم ناهي، اسان به پنهنجي علائقن ۾ دورا ڪندا آهيون ۽ ايوان ۾ به ايندا آهيون، ايوان ۾ هن وقت حڪومت جا ڏيڍ وزير ويٺا آهن، ڪهڙي مذاق آهي، ائين اسيمبلي هلڻ نه ڏينداسين. جڏهن ته اسپيڪر اياز صادق پڻ پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته مون کي وزيرن جي مرضي سان نه پر پنهنجي مرضي سان ايوان هلائڻو آهي، جيڪڏهن وزير نه آيا ته ميمبرن جا پيش ڪيل بل منظور ڪيا ويندا ۽ حڪومت خلاف ووٽنگ ڪئي ويندي. بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج