عمران خان جي نااهلي ڪيس ۾ هر نقطي جو الڳ الڳ جائزو ورتو ويندو: چيف جسٽس

September 13, 2017 at 8:33 am

اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي 10 ڏينهن اندر سمورن سوالن جا جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيف عباسي جي عمران خان جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري درخواست ڪئي ته توهان جي حڪم موجب جواب جمع ڪرايو ويو آهي، توهان پاسپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، هڪ ڪمپيوٽر پرنٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس نعيم بخاري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي بني گالا ملڪيت بابت گيپس جي وضاحت ڏيڻي آهي. حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته عمران خان جي پاسپورٽ جو ڪارڊ به جمع نه ڪرايو ويو آهي، تنهن وقت ڪمپيوٽر نه هو، اهو پاسپورٽ جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي. اڪرم شيخ چيو ته عمران خان جو وڪيل پسند يا نا پسند جي بنياد تي دستاويز فراهم ڪري رهيو آهي، هڪ ڪمپيوٽر جو دستاويز ۽ راشد خان جو بيان حلفي دستاويزن کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ شاهديون رڪارڊ نه ڪري رهي آهي.  چيف جسٽس چيو ته عمران خان جي نااهلي ڪيس ۾ هر نقطي جو الڳ الڳ جائزو ورتو ويندو، سمورن نقطن جو جائزو ورتو ويندو، ڪيترن ئي نقطن جي اڃا وضاحت ٿيڻي آهي، قانون جي حڪمراني جي پاسداري اسان جي فرضن ۾ شامل آهي، اسان تڪراري حقيقتن تي انڪوائري جو حڪم جو به ڏئي سگهون ٿا،  سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ قانون جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ جو طئي ٿيل قانون تسليم ٿيل حقيقتن بابت آهي. سپريم ڪورٽ عمران خان کي عدالتي سوالن جا جواب 10 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج