برما جي مسلمانن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واريون افواهون بي بنياد آهن: نثار کهڙو

September 13, 2017 at 11:17 pm

حيدرآباد:(رپورٽر)سينيئر صوبائي وزير خوراڪ نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ اسان شهادتون ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي آهي ۽ اڄ جمهوري فضا ۾ساهه کڻي رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن اڄ پ پ جي اڳواڻ سيد علي نواز شاهه جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ايندڙ سال چونڊن جو سال آهي ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران عوامي رابطا مهم جاري آهي، ان ڏس ۾ ۱٦ سيپٽمبر۲۰۱۷ع تي دادو ضلعي ۾ جلسو پڻ منعقد ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ هو لمس ۾ ورلڊ فزيو ٿراپي ڊي جي حوالي سان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ آيو هو جنهن دوران اها خبر پئي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو جسماني طور معذور ٿي وڃي ٿو ته ان جي فزيو ٿراپي ڪري کيس صحيح ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو سياسي طور معذور ٿي وڃي ته ان جو علاج ناممڪن آهي، اڄڪلهه نوازشريف سياسي طور معذور ٿي ويو آهي ۽ اسان جو ٻيو دوست جيڪو امپائر جي آڱر تي يقين رکي ٿو اهو به اڄڪلهه مايوس آهي، ملڪ جي تاريخ گواهه آهي ته ون يونٽ ٺهرائڻ وارا به سياسي طور معذور ٿي ويا ۽ جيڪو به جمهوري روين خلاف ويندو، اهو معذور ٿي ويندو. هن چيو ته برما جي مسلمانن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واريون افواهون بي بي بنياد آهن باقي برما ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم تي اسين سراپا احتجاج آهيون.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج