استاد ۽ شاگرد وچ ۾ رابطن جي کوٽ سبب تعليمي ادارن اندر دهشتگرديءَ وارو رجحان وڌيو: مراد علي شاهه

September 13, 2017 at 11:18 pm

حيدرآباد:(رپورٽر) استاد ۽ شاگرد وچ ۾ رابطن جي کوٽ سبب تعليمي ادارن اندر دهشتگرديءَ وارو رجحان وڌي رهيو آهي، ايندڙ سال آءِ سي سي ورلڊ اليون ڪرڪيٽ ٽيم جي ميچ ڪراچي ۾ ڪرائي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه راشد آباد ٽنڊو الهيار ۾ سرگوڌين اسپرٽ انسٽيٽيوٽ فار پروفيشنل ڊولپمينٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، خاص ڪري تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسڪولن کي بهتر نموني سان هلائي سگهون ۽ ٻارڙن کي تعليم فراهم ڪري سگهون، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن ۾ استادن کي تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده دور جي گهرجن تحت ٻارن کي بهتر ۽ معياري تعليم فراهم ڪري سگهجي . وڏي وزير چيو ته تعليم جي معياري کي بهتر ڪرڻ لاءِ تربيت يافتا استاد تمام اهم آهن، ڇاڪاڻ ته استاد ئي مستقبل جا معمار تيار ڪندا آهن جيڪي ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن . هن چيو ته فقط ٻه سيڪڙو طبقي کي بهتر تعليم جي رسائي سان ملڪ جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن نه آهي، ان ڪري سمورن ٻارن کي بهتر تعليم فراهم ڪرڻ لازمي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو موجوده سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج