ڪراچي ۾ ميچ نه ڪرائي پي سي بي زيادتي ڪئي آهي: ناصر حسين شاهه

September 13, 2017 at 11:00 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ڪراچي ۾ هاڻ امن آهي ۽ ان امن لاءِ سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي تنهن هوندي ڪراچي ۾ ميچ نه ڪرائي پي سي بي زيادتي ڪئي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته لاهور ۾ ڪرڪيٽ خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي پر ڪرچاي ۾ به ڪرڪيٽ ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ هاڻ امن آهي ۽ ان امن لاءِ سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي تنهن هوندي ڪراچي ۾ ميچ نه ڪرائي پي سي بي وارن زيادتي ڪئي آهي. جيڪڏهن ميچ شيڊيول ناهي ته هڪ فرينڊلي ميچ ضرور ڪرائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نيب آرڊيننس جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، آصف زرداري احتساب جي قانون ۾ بهتري آڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته ارڙهين ترميم تحت سنڌ کي قانون سازي ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج