ڪنهن به طبقي جو ماڻهو پيپلز پارٽي حڪومت جي ظلم کان محفوظ ناهي رهيو: حليم عادل شيخ

September 13, 2017 at 11:22 pm

حيدرآباد:(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صوبائي سينيئر ايگزيڪٽو نائب صدر حليم عادل شيخ ۽ ٻين پاران ۱۹ سيپٽمبر حيدرآباد ۾ ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان حيدر چوڪ، ريشم گلي، لطيف آباد ۽ حيدرآباد جي ٻين علائقن ۾ شهرين سان ملاقات ڪري کين جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، حليم عادل شيخ شهر ۾ دڪاندارن ريڙهي وارن ۽ شهرين ۾ پمفليٽ ورهايا، حليم عادل شيخ جلسي جي سيڪيورٽي ۽ پارڪنگ جي حوالي سان جائزو وٺڻ لاءِ هٽڙي باءِ پاس گرائونڊ پهتو، پوليس عملدارن کي بريفنگ ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته حيدرآباد وارن جي دعوت تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ۱۹ سيپٽمبر تي شام ۴ وڳي حيدرآباد اچي رهيو آهي، ماضي جي خوبصورت شهر حيدرآباد کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، حليم عادل شيخ پاران جهانگارا ۾ معصوم نياڻي جي قتل ۽ ڪراچي پريس ڪلب آڏو استادن جي احتجاج تي لٺبازي ۽ تذليل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ظلم کان ڪو به طبقو محفوظ ناهي رهيو،


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج