نواز شريف جو احتساب قوم جي مسئلي جو حل ناهي: سراج الحق

September 13, 2017 at 11:23 pm

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسان سڀني جي احتساب ٿيڻ گهرجي رڳو نواز شريف جي احتساب سان قوم جو مسئلو حل نه ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواستن جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي اهو فيصلو ڪيو آهي ته اسان چوڪن، روڊن ۽ رستن تي ڪرپشن خلاف جنگ وڙهنداسين، اسان ايوانن ۾ به وڙهنداسين ۽ عدالتن ۾ به پيروي ڪنداسين. هن چيو ته پاناما ۾ موجود  436 ماڻهن جو به آڊٽ ٿيڻ گهرجي. اسان ڪرپٽ سسٽم، ڪرپٽ پريڪٽس ۽ ڪرپٽ قيادت خلاف جدوجهد کي جاري رکنداسين. هن چيو ته پاناما ليڪس الله طرفان هڪ بي آواز لٺ آهي ۽ اها لٺ اڃان ٻين تي وسندي، هن چيو ته اسان جو موقف اهو ئي آهي ته اسان سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي.


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج