پاناما نظرثاني اپيلن واري ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

September 13, 2017 at 11:23 pm

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ٻارن طرفان داخل پاناما نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ خواجا حارث حتمي فيصلي ۾ 5 ججن جي ويهڻ تي اعتراض ڪيو جنهن تي سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو متفقه هو جڏهن ته سپريم ڪورٽ وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ شريف ڪٽنب طرفان داخل نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف طرفان سندس وڪيل خواجا حارث ۽ حسن، حسين ۽ مريم نواز طرفان سلمان اڪرم راجا ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وڪيل دليل ڏيندي 28 جولاءِ جي فيصلي ۾ 5 رڪني بينچ تي اعتراض ڪيو. وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته پنج رڪني بينچ مان 2 ججن 20 اپريل تي نواز شريف خلاف درخواستون منظور ڪندي نااهل قرار ڏنو ۽ ساڳن ٻنهي ججن 28 جولاءِ تي به مختلف فيصلن تي صحيحون ڪيون. خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن 2 ججن کي 3 ججن جي فيصلي سان اختلاف آهي ته نظر ثاني ٽن ججن کي ٻڌڻ گهرجي


Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

فيس بوڪ پيج